شاهپورچاڪر جي اسڪول جي مرمت نه ٿي، احتجاج

شاهه پور چاڪر (ن ع  آ)شاھ پورچاڪر مين اردو پرائمري اسڪول جي 35 ورھيہ جي پراڻي عمارت کي ايجو ڪيشن ورڪس پاران خطرناڪ قرار ڏنل اسڪول ۾ پڙھندڙ شاگردن جي حياتي خطري۾ ڪيترائي ڀيرا اسڪول جي ڇت جا چاپڙ شاگردن مٿان ڪرڻ ڪري زخمي ٿيا آهن اسڪول جي شاگردن استادن والدين ۽ سياسي و سماجي ڌرين جو اسڪول جي زبون عمارت تعمير نہ ڪرائڻ خلاف شاگردن استادن سياسي وسماجي تنظيمن جي اڳواڻن جو احتجاجي مظاھرو ريلي پ پ اڳواڻ راؤ مقصود سابق ڪائونسلر ملڪ موسي سماجي اڳواڻ منور پٺاڻ راجپوت اتحاد جي اڳواڻ راؤ شبير احمد اسڪول جو ھيڊ ماستر ۽ پ ٽ الف اڳواڻ اسلم راجپوت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت تعليم کاتي ۾ ايمرجنسي لڳائي تعليم جي واڌاري جي دعوي ڪئي مگر سندس اھڙي دعوي اڌھوري جڏھن تہ اسڪول جي عمارت زبون حالت ھجڻ ڇت جا چاپڙ ڪرڻ ڪري اسڪول ۾ پڙھندڙ 600 سؤ شاگردن جون حياتيون ۽ تعليم داءُ تي لڳل آھي اسڪول جا 4 ڪمرا ايجوڪيشن ورڪس خطرناڪ قرار ڏئي شاگردن کان خالي ڪرائي ڇڏيا آھن جنھن ڪري شاگرد کلي آسمان ھيٺيان مشڪل حالت ۾ تعليم حاصل ڪري رھيا آھن ھنن اڳواڻن ھتان جي چونڊيل نمائندن ايم اين اي ايم پي اي کان اسڪول جي زبون عمارت ۽ ٽٽل ڪمرا ٺھرائي ڏيڻ جي گھر ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.