عمرڪوٽ ۾لطيف ايوارڊ ماڻيندڙن لاءِ مڃتا تقريب

عمرڪوٽ(ڊ  ر) حضرت شاھ عبدالطيف جي شاعري کي اينڊرياڊ موبائيل ايپليڪيشن وسيلي گوگل تي متعارف ڪرائي لطيف جي فڪر کي جڳ جھان تائين پھچائيندڙ عمرڪوٽ واسي نوجوان راجا ساند ۽ سنڌي موسيقي کي پنھنجي منفرد انداز سان ڳائيندڙ نوجوان راڳي رفيق فقير کي سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ھن سال لطيف ايوارڊ سان نوازڻ جي خوشي ۾ سنڌ ادبي فورم پاران عمرڪوٽ لڳ روحل واء جي ڀٽ تي ھڪ خوبصورت علمي ادبي شام ۽ رھاڻ رچائي وئي ساف پاران منعقد ٿيل ھن خوبصورت پروگرام کي خطاب ڪندي قومي ڪارڪن ۽ سماج سڌارڪ ماما جمن دربدر صدارتي خطاب ڪندي چيو ته راڳي رفيق فقير ۽ راجا ساند اسان جو اتساھ ۽ اثاثو آھن جن نوجواني ۾ ئي پنھنجو علمي ۽ موسيقي جو پورھيو ڪري نج ميرٽ جي بنياد تي مڃتا ماڻي ۽ لطيف ايوارڊ حاصل ڪيو اھو اسان ناري پٽ واسين سميت سموري سنڌ لاء فخر جوڳو ڪم آھي جيڪو صدين تائين ياد رھندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.