ٽنڊي حيدر ڀرسان بيٽرين کي ساڙي سڪي ٺاهڻ واري فيڪٽري قائم

حيدرآباد (رپورٽر)حيدرآباد ويجهو ٽنڊي حيدر قبرستان ڀرسان بدنام زمانه پرويز عرف ڪاليا هڪ ڀيرو ٻيهر زهريلو ڪارو بار شروع ڪري ڇڏيو، خراب بيٽرين کي ساڙي سڪي ٺاهڻ واري فيڪٽري قائم ڪري ڇڏي، جنهن مان زهريلو ڌونهون نڪرڻ سبب آس پاس جو سوين ايڪڙن ۾ بيٺل  فصل متاثر ٿيڻ لڳو ۽ شھر اندر مختلف مرض پکڙجڻ جو خطرو پڻ وڌي ويو آھي، ماحوليات کاتي سميت پٻڻ پوليس رشوت عيوض انهي زهريلي ڪاروبار کي بند  ڪرائڻ بجائي سري عام کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آھي. ان ڏس ۾ شهرين مطالبو ڪيو ته جيئن شھري توڙي مقامي زميندار انهي زهريلي فيڪٽري مان نڪرندڙ  ڌونهين کان بچي سگهن ٻي صورت ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.