سکر ۾ اسڪول مسئلن جو ڳڙهه، احتجاج

سکر( رپورٽر) سکر ۾ پورهيتن جي ٻارڙن کي تعليم ڏيندڙ اسڪول مسئلن جو ڳڙھ بڻجي ويو. شاگردن کي ڪتاب، يونيفارم ۽ فرنيچر نه مليا، اسڪول جو ڊرينيج سسٽم به خراب ٿي ويو،  تعليم حاصل ڪندڙ ٻارڙن جي وارثن جو احتجاج. خبرموجب سنڌ ڪي ٽئين وڏي شهر سکر ۾ مزدورن جي ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاءِ قائم ورڪرز ماڊل اسڪول سکر مسئلن جو ڳڙھ بڻجي ويو آهي. ڪڏهن ته اسڪول ۾ شاگردن لاءِ سهولتون نه هجڻ تي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻارڙن جي وارثن ۽ تعليم حاصل ڪندڙ ٻارڙن پاران سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين اسڪول انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ قاسم کوسو، واسو، رضوان، يونس، طفيل کوسو ۽ ٻين چيو ته نئون تعليمي سال شروع ٿي چڪو آھي پر اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن کي نه ڪتاب مليا آھن ۽ نه ئي يونيفارم. اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ آھي ۽ ڊرينيج نظام ناڪارو ٿي ويو آھي. هنن چيو ته اسڪول ۾ پورهيتن جا ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آھن جيڪي انهن مسئلن جي هوندي يڪسوئي سان تعليم حاصل نه ٿا ڪري سگهن. ڪيترا ئي ڀيرا اسڪول انتظاميا کي شڪايت ڪرڻ باوجود اسڪول جا مسئلا حل نه ٿا ڪن. هنن مطالبو ڪيو ته ورڪرز ماڊل اسڪول جا مسئلا حل ڪري شاگردن کي ڪتاب ۽ يونيفارم ڏنا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.