نوابشاهه ۾ بيسڪ ايجوڪيشن جي استادن جو مظاهرو

نوابشاهه (ڊ ر ) وفاقي حڪومت جي انتظامن ھيٺ ھلندڙ بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪول نوابشاهه جي مرد ۽ عورت استادن پاران سڪندر خاصخيلي، محبوب علي شاھه، صائمه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان 1997 کان وٺي ٻھراڙيءَ جي ڏورانهن علائقن ۾ گھٽ خرچ تي ٻارڙن کي تعليم ڏئي رھيا آھيون پر 23 سال گذرڻ باوجود اسان کي پڪو نه ڪيو ويو آهي ۽ اسان کي گذريل ڪيتري عرصي کان پگھارون جاري نه ڪيون ويون آهن جنھن جي ڪري اسان سخت پريشان آھيون، ھنن چيو ته اسان کي لٽيرسي کاتي ۾ ضم ڪيو پيو وڃي جيڪو اسان ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، ھنن چيو ته اسان کي پڪو ڪري ٻارن لاءِ ڪتاب فراھم ڪيا وڃن، ھنن چيو ته جيڪڏهن اسان پڪو نه ڪيو ويو ته اسان اسلام آباد پارليامينٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.