سچل ڳوٺ ۾ شهيد اهلڪار جي ڀاءُ جو انصاف لاءِ احتجاج

گلشن اقبال (ن ع آ)12 سال اڳ قمبر شهداد ڪوٽ ضلعي جي نور پور پوليس چوڪي تي حملو ڪري شهيد ڪيل پنجن پوليس اهلڪارن جي وارثن کي انصاف نه مليو، ملوث جوابدارن پاران انصاف لاءِ آواز اٿارڻ  تي وارثن کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن پوليس به شهيدن جي وارثن جي مدد ڪرڻ بدارن بااثر ملوث جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي سچل ڳوٺ ۾ ميڊيا اڳيان انصاف لاء دانهيندي  شهيد اهلڪار منٺار گوپانگ جي ڀاءُ منظور حسين گوپانگ چيو ته دهشتگردن پوليس چوڪي تي حملو ڪري ڀاءُ سميت پنج ڊيوٽي اهلڪارن کي قتل ڪيو ان ڪيس ۾ 12 سالن کان وس وارن وٽ ڌڪا کائي رهيا آهيون پر انصاف نه ٿو ملي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ قاتل جوابدارن سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي ۽ جوابدارن پاران ڪيس تان هٿ نه کئڻ جي صورت ۾ موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن معلوم ٿيو آهي ڪيس جي شاهدي مٽائيندڙ پوليس اهلڪارن کي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو آفتاب ناصر معطل ڪيو آهي ۽ هاڻ انصاف جي اميد پيدا ٿي آهي اسين شهيدن جا وارث چاهيون ٿا ته اصل جوابدارن کي قانو مطابق سزا ملي پر سرڪار جا چونڊيل نمائندا به پريشان ڪري رهيا آهن ۽ جوابدارن تان ڪيس ختم ڪرڻ کانپوء پئسا ۽ ٻيون مراعتون آڇي رهيا آهن پر اسان شهيدن جا بي گناهه خون چند ڏوڪڙن عيوض  وڪرو ڪونه ڪنداسين. چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس آف هاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز پاڻ مرادو  نوٽيس وٺي قاتلن کي جوڳي سزا ڏئي انصاف فراهم ڪن.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.