سکر ۾ ٽرئفڪ جام معمول، گاڏين وارا پريشان

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو) سکر شهر ۾ پوليس جي نااهلي سبب ٽريفڪ جو نظام انتهائي خراب بڻيل، شهر ۾ بدترين ٽريفڪ جام، ڪلاڪن تائين شهري ٽريفڪ ۾ ڦاٿل رهيا، پوليس اهلڪار ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام بڻيل، شهر ۾ ٽريفڪ جي نظام لاءِ لڳايل سگنل بند پيل، خبرموجب سکر شهر ۾ ٽريفڪ پوليس جي نااهلي سبب ٽريفڪ جو نظام انتهائي خراب ٿي ويو آهي، شهر ۾ ٽريفڪ تي ڪنٽرول لاءِ پوليس پاران ڪي به اپاءُ نه پيا ورتا وڃن، شهر جي اڪثر روڊن تي صبح، منجھند ۽ شام جي وقت ٽريفڪ جام رهڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي، شهر ۾ بدترين ٽريفڪ جام هجڻ سبب اڪثر شهري ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽريفڪ ۾ ڦاٿل رهن ٿا، ٽريفڪ پوليس جا اهلڪار ٽريفڪ تي ڪنٽرول ڪرڻ بجاءِ شهرين کان اڳاڙي ۾ رڌل نظر اچي رهيا آهن، هوڏانهن سکر پوليس لائين، ريس ڪورس روڊ، گھنٽا گھر، اسٽيشن روڊ، مير معصوم شاهه، شاليمار، مينارا روڊ، پراڻو سکر روڊ، وارن علائقن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽريفڪ جام رهڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي ٽريفڪ جام هجڻ سبب شهري سخت عذاب کي منهن ڏئي رهيا آهن، شهر جي مختلف روڊن تي مقرر ٽريفڪ پوليس اهلڪارن ٽريفڪ تي ڪنٽرول بجاءِ شهرين کان رشوت وٺڻ ۾ رڌل نظر اچي رهيا آهن، هوڏانهن شهرين احتجاج ڪندي ٻڌايو آهي ته سکر انتظاميا ۽ ٽريفڪ پوليس جي نااهلي سبب شهر ۾ ٽريفڪ جو نظام انتهائي خراب ٿي ويو آهي، شهر جي مليٽري روڊ واري علائقي ۾ٽريفڪ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ لڳايل سگنل ڪروڙين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود شروع ناهن ڪيا ويا، ٽريفڪ سگنل نه هلڻ سبب مليٽري روڊ سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ ٽريفڪ جو نظام انتهائي خراب ٿي ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ ٽريفڪ جي صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.