سول اسپتال حيدرآباد ۾ ڪورونا جو هڪ مريض فوت

حيدرآباد(رپورٽر) سول اسپتال حيدرآباد ۾ ڪورونا جو هڪ مريض فوت ٿي ويو. 50 ورهين جو مراد بخش ولد محمد نصيب خان 15آڪٽوبر تي ڪورونا جي آئيسوليشن وارڊ ۾ داخل ٿيو. جتي هو علاج دوران  فوت ٿي ويو. فوتي مريض جو تعلق ميرپورخاص سان ٻڌايو پيو وڃي. مريض کي ڪيترن ئي ڏينهن کان کنگهه ۽ بخار جي شڪايت هئي. ٽيسٽ ڪرائڻ تي کيس ڪورونا جي تصديق ٿي جنهن کانپوءِ کيس سول اسپتال جي آئيسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو. فوتي مريض جو مڙهه ايڌي رضاڪارن جي حوالي ڪيو ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.