قمبر لڳ ڪار جي ٽڪر ۾ همراهه فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) قمبر شهدادڪوٽ روڊ گولو واهه ڀرسان تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ زودار ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تان ڪِري  40 سالن جو شادي شده همراهه محمد ايوب پٽ شالو خان بروهي سخت زخمي ٿي پيو جڏهن ته حادثي بعد ڊرائيور ڪار ڇڏي فرار ٿي ويو، اطلاع تي وارثن پهچي زخمي کي ڪار ۾ کڻائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ نيو پئي ويو جنهن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته لاش اسپتال منتقل ڪرڻ دوران سندس ڀائرن، سهرو ۽ ٻيا وارث لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي فوتي جي سهري علي گوهر چانڊيو ٻڌايو ته محمد ايوب بروهي وارهه ساهرن ڏانهن وڃي رهيو هو ته قمبر شهدادڪوٽ روڊ گولو واهه ڀرسان تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هو فوت ٿيو آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي جو لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.