لاڙڪاڻي ۾ دڪان کي باهه، لکن جو سامان رک

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد سڪندر شاپنگ سينٽر ۾ قائم فاسٽ فوڊ جي دڪان کي بجلي جي شارٽ  سرڪٽ سبب اوچتي باهه لڳي، باهه جي شعلن سبب دڪان ۾ پيل فرج، مشينون، پليٽن سميت قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو، اطلاع تي فائر برگيڊ عملي پهچي باهه تي ضابطو آندو. جڏهن ته باهه جي شعلا ۽ دونهون ڏسي وڏي تعداد ۾ آسپاس جا دڪاندار توڙي رستي ويندڙ شهري واقعي واري هنڌ گڏ ٿي ويا. ان موقعي تي متاثر دڪاندار شاهد کچي ٻڌايو ته صبح سوير بجلي جي شارٽ سرڪٽ منهنجي فاسٽ فوڊ جي دڪان کي باهه لڳي جنهن جي نتيجي ۾ فرج، مشينون، پليٽن سميت قيمتي سامان سڙي رک ٿيو آهي جنهن جي ماليت اڍائي لک روپين کان وڌيڪ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.