ڪي اين شاهه ويجهو پ پ جلسي تي ويندڙ وين کي باهه وڪوڙي وئي

خيرپورناٿن شاھ (ن ع آ) لاڙڪاڻي کان ڪراچي پ پ جلسي تي ويندڙ گاڏين جي قافلي ۾ شامل وين خيرپورناٿن شاهه سي اين جي  پمپ وٽ وائرنگ ۾ خرابي سبب خراب ٿي پئي، ڊرائيور گاڏي ۾ ويٺل ماڻھن لاهي مستري کان ٺھرائي رهيو هو ته اوچتو وين جي وائرنگ مان باھه لڳي وئي، ڏسندي ڏسندي باھه سڄي گاڏي کي وڪوڙي وئي بروقت فائر برگيڊ عملي اطلاع ڏنو ويو پر فائر برگيڊ عملو نه پهچڻ ڪري سڄي وين سڙي وئي، باھه لڳڻ ڪري ڪراچي جلسي لاءِ ويندڙ پيپلزپارٽي جا قافلا بيهي رهيا ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، وين مڪمل سڙي وئي، قافلا ڪراچي طرف روانا ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.