سنڌ اندرصحت ۽ تعليم تباهه آهي: شھريار خان مهر

ڳڙهي ياسين ( ن ع آ ) سنڌ اندر خاص طور تي  صحت ۽ تعليم کاتا مڪمل طور تباھ ۽ ڪرپشن جي ور چڙهيل آهن ، سنڌ اسيمبلي ۾  ڪابه قانون سازي ڪون ٿي رهي آهي اھڙي خيالن جو اظھار جي ڊي اي اڳواڻ ايم پي اي شھريار خان مهر ڳڙھي ياسين تعلقي جي مختلف ڳوٺن موريو ڊکڻ، ڳوٺ مرزاپور ، ڳوٺ محمد پناھ اوڍو سميت مختلف ڳوٺن ۾ عذرخوايون ڪندي صحافين سان ڳالھائيندي ڪيون هن وڌيڪ چيو ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ اسيمبلي جي ڪارڪردگي ٺيڪ نه آهي اسيمبلي جو ڪو به ٽائيم ٽيبل نه آهي نه ئي قانون ۾ ڪا قانون سازي ڪئي پئي وڃي باقي ٻين صوبن جون اسيمبليون پنهنجي ٽائيم ٽيبل سان ڪم ڪن پيو، ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن اتي جيڪو به ترقياتي ڪم ٿئي ان ڪم تان ملندڙ روينيو توڙي ٻيو فائدو سنڌ کي ملڻ  کپي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.