ڇاڇري ۾ هارين سان زيادتين خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي

ڇاڇرو (رپورٽ: يعقوب بجير)سنڌ هاري ڪميٽي ضلعي ٿرپارڪر جي اڳواڻن پاران ٿرپارڪر ضلعي ۾ هارين سان ذيادتين خلاف پريس ڪلب ڇاڇري کان مين بس اسٽاپ تائين پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ريلي  ڪڍي وئي, جنهن ۾ مرڪزي اڳواڻن ڪامريڊ امداد قاضي، ڪامريڊ اقبال، ڪامريد ڏامرومل ميگهواڙ ۽ ضلعي جي مختلف ڳوٺن جي هارين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ سوين هارين جي هٿن ۾ ڏاٽن وارا ڳاڙها جهنڊا کنيل هئا هارين پاران پوليس، روينيو ۽ وياج خورن خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ريلي جي ختم ٿيڻ بعد ڇاڇري پريس ڪلب اڳيان هاري تحريڪ ڪنوينشن جي تقريب پڻ رکي وئي. مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ امداد قاضي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته جيترو هارين سان هتي ظلم آهي ايترو ڪٿي به ناهي، ظلم جي رات آخري پساهن ۾ آهي هيٺيون طبقو متحد ٿيو ته جاگيردار جو زوال اچي ويندو ڇاڇرو ۾ وياج جو غيرقانوني ڪاروبار هلندڙ آهي جنهن جي ڪري لکين ماڻهن جو استحصال ٿي رهيو آهي، هتان جي انتظاميا جي اها حالت آهي جو اڄ هي هزار ماڻهن جو ميڙ انتظامي نااهلي خلاف دانهي رهيو آهي پوليس، روينيو کاتا وڏيرن لاءِ  ڪمداري وارو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن مسڪين ماڻهن جي دانهون ڇا ڪري نٿيون ٻڌيون وڃن ٿرڪول رٿا ۾ مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي معدني ذخيرن تي پهريون حق هتان جي ماڻهن جو آهي جيڪو ڏنو وڃي، ڪامريڊ اقبال ڳالهائيندي چيو ته هارين جي حقن جي لتاڙ ڪندڙن تي ٽينسي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا وڃن، حيرت ٿئي ته بئنڪون موجود آهن پر ان هوندي هن شهر ۾ وياخ چوپڙ سيٺين جو راڄ آهي انتظامي پٺڀرائي هئڻ ڪري ڏھ سيڪڙو وياج ورتو پيو وڃي هزارين سرڪاري ملازم جا چيڪ بڪ گروي آهن نيشنل بئنڪ عملو به ملوث آهي هڪ وياج خور نالي ڀورجي ٺڪر هتان جو ڊان گولو آهي . هن جي خلاف هاري ڪوڪي رهيا آهن عزتون به محفوظ ناهن اهڙي حالت ڏسي لڳي ٿو هتي ٿاڻو آهي ئي ڪونه، ڪامريڊ ڏامرومل چيو ته هارين سان ذيادتيون بند نه ٿيون ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ان کان علاوه مختلف ڳوٺن کان آيل هارين پنهنجا مسئلا به پيش ڪيا ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ مصري شاه جي ردواسي نابين تاجورام جو چوڻ جو ته دليپ پٽ وينجهو کي اڪرم ول جمال الدين ڪرن قتل ڪيو پر ڏانو ڌانڌل ٿاڻي جي پوليس جو به سهڪار نه ڪيو ، جلال مينگهواڙ ڳوٺ گونگيو جي رهواسي نهڙي برادري تي  سروي زمين تي قبضو ڪرڻ الزام ھڻندي چيو ته منهنجي سروي زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي پر روينيو ڪنهن به قسم جي مدد نٿو ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.