بڪيراشريف ۾ گهر تي حملو، 2 عورتون۽ 2 مرد زخمي، احتجاج

بڪيراشريف (ن ع آ)بڪيراشريف ٿاڻي ڀرسان گهر مٿان 7 کان وڌيڪ ماڻهن جو حملو گهر جون ديواريون ٽپي گهر اندر موجود عورتن ۽ مردن  تي وحشياڻو تشدد 4 کان وڌيڪ ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا، جهڙو وڌڻ بعد بڪيراشريف ٿاڻي سامون جهڙو شروع ٿي ويو، جهڙي ۾ موجود عورتون جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا، پوليس تماشو ڏسندي رهي جڏهن ته ڪليم کوسو، غلام مڱريو،نثار عرف گونگو شيدي، شاهد شيدي، اسلم مسرڪ ۽ ٻين گهر ڀاتين پوليس ۽ جوابدارن خلاف احتجاج ڪندي چيو ته گلڻ شيدي، رمضان شيدي، آچر شيدي شائق، جانو، ڪارو، شبير مڱريو، غلام قادر ۽ ٻيا اسان جي گهر اندر گهڙي آيا ۽ اسان جي عورتن تي وحشياڻو ڪري اسماء ۽ زرينه کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جڏهن ته عورتن جي رڙين تي پاڙي جا ماڻهو گڏ ٿي جن ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هٿياربندن نثار عرف گونگو قمبراڻي کي ڪنڌ وارو خنجر واهي ڪڍيو جنهن سبب نثار سخت زخمي ٿي پيو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال موڪليو ويو جتي 7 کان وڌيڪ ٽاڪا لڳا، جڏهن ته پوليس جي سامهون جهڙي ٿيڻ باوجود پوليس حرڪت ۾ آئي ليڊيز پوليس نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي، احتجاج ڪندڙ جو وڌيڪ چوڻ هو پوليس ڌر بڻيل آهي جيڪا انهن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري اسان سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر، ۽ ڊي سي ٽنڊوالهيار رشيد احمد زرداري کان مطالبو ٿا ڪريو ته گهر اندر گهڙي آيل ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.