نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جو ٽائيٽل خيبر پختونخواهه ٻُهاري ورتو

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي فائنل ۾ خيبر پختونخواهه جي ٽيم سائودرن پنجاب کي 10 رنسن تان شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.

راولپنڊي ۾ کيڏيل نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي فائنل ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي خيبر پختونخواهه مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 206 رنسون ٺاهيون.

خيبر پختونخواهه طرفان فخر زمان 67 ۽ شعيب ملڪ 56 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته محمد حفيظ 38 ۽ ڪپتان محمد رضوان 25 رنسون ٺاهيون.

سائودرن پنجاب طرفان عامر يامين، زاهد محمود ۽ محمد عمران هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب ۾ سائودرن پنجاب جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 196 رنسون ٺاهيون ٺاهي سگهي.

حسين طلعت 63، محمد عمران 38 ۽ خوشدل شاهه 34 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا.

فاتح ٽيم طرفان شاهين آفريدي 3 ۽ وهاب رياض 3-3 شڪار ڪيا.

ميچ جو بهترين رانديگر 22 بالن تي ناٽ آئوٽ 56 رنسون ٺاهيندڙ شعيب ملڪ کي قرار ڏنو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.