ن ليگ اڳواڻن قائداعظم جي مزار تي ”ووٽ کي عزت ڏيو“ جا نعرا هڻائي ڇڏيا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز ۽ ٻين اڳواڻن طرفان قائداعظم جي مزار تي حاضري وقت ڪيپٽن (ر) صفدر ”ووٽ کي عزت ڏيو“ جا نعرا هڻائي ڇڏيا.

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر گهرواري مريم نواز ۽ ٻين سان گڏجي قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري.

ان موقعي تي ڪيپٽن (ر) صفدر اتي موجود ڪارڪنن کان ووٽ کي عزت ڏيو جا نعرا هڻايا.

هوڏانهن وفاقي وزير علي زيدي پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته قائداعظم جي مزار تي نعرا هڻائڻ جو عمل برداشت جوڳو ناهي، انهن ڪرمينلز قائداعظم جي مزار جو تقدس پامال ڪيو.

وفاقي وزير فواد چوڌري پڻ پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته ڪيپٽن (ر) صفدر ۽ مريم نواز کي معافي وٺڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.