نوابشاھه: بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪول جي استادن جو پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاج

نوابشاھه ۾ بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪول جي استادن پاران پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

وفاقي حڪومت جي انتظامن ھيٺ ھلندڙ بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪول نوابشاهه جي استادن سڪندر خاصخيلي، محبوب علي شاھه، صائمه ۽ ٻين  پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته هو  1997 کان وٺي ٻھراڙيءَ جي ڏورانهن علائقن ۾ گھٽ خرچ تي ٻارڙن کي تعليم ڏئي رهيا آهن پر 23 سال گذرڻ باوجود کين پڪو ناهي ڪيو ويو جنهن سبب هو سخت پريشان آهن

احتجاج ڪندڙ استادن چيو ته کين  لٽيرسي کاتي ۾ ضم ڪيو پيو وڃي جيڪو هو  ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪندا، کين  پڪو ڪري ٻارن لاءِ ڪتاب فراھم ڪيا وڃن.

ھنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن کين پڪو نه ڪيو ويو ته هو اسلام آباد پارليامينٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.