بدين: يوٿ ايڪشن ڪميٽي جو سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

بدين ۾ يوٿ ايڪشن ڪميٽي پاران سنڌ جي جي ٻيٽن تي وفاقي جي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي اڳواڻن سنڌو نواز گهانگهرو. پنھل ساريو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته وفاق پاران ترقي جي نالي تي سنڌ جي وسيلن تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي  پئي وڃي پر وفاق پاران ڏاڍ مڙسي ڪري سنڌ جي وسيلن تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش   ڪڏھن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏبي.

هنن چيو ته ھنن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ خلاف سدائين سازشون ڪندي رھي آھي پر سنڌ جو عوام ھاڻي سجاڳ ٿي ويو آهي ۽ سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ عوام روڊن تي نڪري چڪو آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته صدارتي آرڊيننس واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ جو ٻچو ٻچو پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.