غوثپور: وارثن جو نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

غوثپور ۾ وارثن پاران نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

غوثپور ۾ 9 ڏينهن اڳ عدالت ٻآهران قتل ڪيل مولابخش عرف نادر چولياڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن پاران ڳوٺ امام بخش چولياڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي بابو، امجد گل، الاهي بخش چولياڻي ۽ ٻين چيو ته اسان جي نوجوان کي پوليس جي هراست ۾ قتل ڪيو ويو . هڪ جوابدار کي موقعي تي گرفتار ڪرڻ کان بعد پوليس ٻيا جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته عدالت ٻاهران نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو .

هنن الزام هڻندي چيو ته کين ڪورٽ جي گيٽ تي بيٺل پوليس اهلڪارن تي شڪ آهي ته هنن جوابدارن کان رشوت وٺي ڄاڻي واڻي جوابدارن کي فرار ڪيو .

احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري واقعي جي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.