عوام اپوزيشن جي سازش پوري ٿيڻ نه ڏيندو: شاهه محمود قريشي

 

ملتان (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته توهان پنهنجي مقصدن لاءِ قومي ادارن ۽ جمهوريت کي نقصان نه بچايو، اها جيڪا راند کيڏي رهيا آهيو، ان سان نظام ته رخصت ٿي سگهي ٿو پر توهان جي هٿ ڪجهه نه ايندو.

ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته عوام پي ڊي ايم جي جلسي کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي، ماڻهو سمجهن ٿا ته پي ڊي ايم اتحاد غير فطري آهي، روڊن تي اچي ۽ جلسن سان حڪومت کي رخصت ڪرڻي ماضي جي روايت آهي، عوام اپوزيشن جي سازش پوري ٿيڻ نه ڏيندو.

هن چيو ته ڪجهه قوتن کان سي پيڪ برداشت نه پيو ٿئي پر سي پيڪ منهنجي منزل تي پهچندو، سي پيڪ جي فيز 2 جي شروعات ۽ معاهدو ٿي چڪو آهي، تحريڪ انصاف حڪومت ۾ سي پيڪ تي ڪم وڌيو آهي، ماڻهو مهانگائي جو ذميوار حڪومت کي قرار نه پيا ڏين، اپوزيشن وٽ جادوئي لٺ ناهي جو مسئلا حل ڪري سگهي، مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اپوزيشن کي ماضي ۾ موقعو مليو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.