وزيراعظم ڌمڪيون ڪنهن ٻئي کي ڏئي: مريم نواز

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته جيڪو خوف هو هاڻ ختم ٿي ويو آهي، وزيراعظم ڌمڪيون ڪنهن ٻئي کي ڏئي.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته پي ڊي ايم عوامي جذبن جي ترجماني ڪري رهي آهي، عمران خان چئي ٿو ته گهٻرائڻو ناهي پر رڳو عوام جون تڪليفون ڏسي گهٻرائيندا آهيون، عوام کي فاقن ۾ ڏسي اسان گهٻرائي رهيا آهيون.

هن چيو ته اسان عوامي جذبن جي ترجماني ڪري رهيا آهيون، گوجرانوالا جلسي حڪومت کي لوڏي ڇڏيو، عمران خان کي پنهنجون ترجيحون تبديل ڪرڻيون پونديون، اسان جي تحريڪ ووٽ کي عزت ڏيارڻ تائين جاري رهندي.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو جيلن ۾ اسان کي وڏيون سهولتون ڏنيون ويون ته اهو غلط آهي، اسان کي اڳ ۾ به عام جيلن ۾ رکيو ويو هو، اسان 2-2 ڀيرا گرفتار ٿياسين، ڪيترائي مهينا جيل ۾ رهياسين، هاڻ ڇا جو خوف؟ جيڪو خوف اهو ختم ٿي ويو، اهي ڌمڪيون ڪنهن ٻئي کي ڏين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.