شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 18 آڪٽوبر 2007 ۾ ڪارساز ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪارڪنن جون قربانيون ضايع نه وينديون.

ڪارساز سانحي جي 13ورهين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پ پ چيئرمين شهيدن کي خراج پيش ڪندي چيو ڪارڪنن جمهوريت، آئين جي بالادستي، پارليامينٽ ۽ بنيادي حقن لاءِ شهادتون ڏنيون، شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون.

هن چيو ته جمهوريت پسند سياسي پارٽيون ۽ قيادت شهيدن کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ اڄ گڏ ٿيندي، هٿ ٺوڪئي سليڪٽڊ وزيراعظم جي ڌمڪين باوجود جدوجهد جاري آهي، پي ڊي ايم جمهوريت پسندن جو سياسي اتحاد آهي، پي ڊي ايم جمهوريت، معيشت ۽ پرڏيهي پاليسي کي پيش سمورين برائين مان ڇوٽڪاري لاءِ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.