عمران خان جلد گهر ڀيڙو ٿيندو:حزب الله ٻگهيو

خير محمد آريجا (ن ع آ) پيپلز پارٽي جي ايم پي اي حزب اللّٰه ٻگھيو ۽ محمد علي ٻگھيو ٻگهيا هائوس نئي گڏ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 18 آڪٽومبر سانحہ ڪارساز ڪراچي وارو جلسو تاريخي جلسو ثابت ٿِيندو، جنهن ۾ مُلڪ ۽ قوم جي بقا ۽ سلامتي لاءِ جانيون ڏِيندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي جيالن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آصف علي زرادري نيب ڪيسن ۾ ضمانت تي آهي، ۽ اسپتال ۾ داخل آهي، پوءِ به سندس جي گرفتاري جا وارنٽ ڪڍڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا اها غلط راوايت آهي،وزير اعظم جلد ئي پاڻمرادو گھر هليو ويندو، مهانگائي جي ڳالھ ڪرڻ تي اين آر او نه ملندو جواب اچي ٿو، هِنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جا آهن ۽ سنڌجا ئي رهندا، سنڌ حُڪومت وفاق کي سنڌ جي ٻيٽن بابت نيڪ نيتيءَ سان جواب ڏيندو، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه آمريت سان مهاڏو اٽڪايو آهي، پ پ پ اڳواڻ ۽ ڪارڪن ڪڏهن به جيلن کان نه ڊنا آهن ۽ نه ئي وري خوفزده ٿِيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.