محمد علي پٺاڻ شعور عام ڪري پيو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ناليج سينٽر لاڙڪاڻي ۾ ناليواري اديب ۽ شاعر پروفيسر محمد علي پٺاڻ جي تازو ڇپيل شعري مجموعي “گهائي ٿي تنهائي” جي مهورتي تقريب ٿي گذري جنهن کي صدارتي خطاب ڪندي ناليواري اديب ۽ لاڙڪاڻي جي ايڊيشنل ڪمشنر احمد سلطان کوسي چيو ته محمد علي پٺاڻ مسلسل ڪتاب لکي علم، شعور کي عام ڪري رهيو آهي جيڪو ساراهڻ جوڳو عمل آهي. شاعر امن ۽ محبتن جا سفير آهن جيڪي پنهنجي شاعري وسيلي سماج جي خوبصورتي ۾ اضافو ڪندا آهن. شاعري جي تخليقڪار محمد علي پـٺاڻ چيو ته قلم ڪتاب ۽ اکرن جا انبار منهنجي سگهه آهن. سماجي وارتائون اندر جو ڪيفيتن ۾ هلچل پيدا ڪن ٿيون جن کي مان پنهنجي شاعري توڙي ڪهاڻين جي روپ ۾ ظاهر ڪندو آهيان. صحت ۽ حياتي مهلت ڏني ته آخري دم تائين لکندو رهندس. ناليواري تعليمدان ۽ شاعر پروفيسر مختيار سمون چيو ته شاعري يا ادب جي ٻي صنف جڏهن زندگي جي ترجمان بڻجندي آهي تڏهن ئي اها ڪامياب ليکبي آهي. محمد علي پٺاڻ زندگي جي چلولاين ۽ حيران ڪندڙ لقائن جو شاعر آهي. نامناسب سماجي ۽ سياسي صورتحال جي نتيجي ۾ جنم وٺندڙ انساني الميا هن جي شاعري جو موضوع آهن.

نويد سنديلي چيو ته شاعري بي ساخته اڌمن ۽ جذبن مان جنم وٺندي آهي ۽ بي روڪ جذبن کي هئيت جي ضرورت هوندي آهي تڏهن اهي شاعري جو روپ ڌاريندا آهن. ڪهاڻيڪار عزيز قاسماڻي چيو ته محمد علي جي شاعري فن ۽ فڪر سان ڀرپور آهي. هن جون سموريون ادبي تخليقون سماج جو عڪس بڻجي تاريخ جو ماخذ بڻجن ٿيون. پروفيسر پروفيسر ڄام جمالي چيو ته محمد علي جو ادب سان عشق آهي جنهن کي هو پنهنجين لکڻين ذريعي نڀائيندو رهي ٿو. نامور ڊراما نگار سڪندر عباسي چيو ته اديب ۽ شاعر جو لکيل هر لفظ پڙهندڙن جي امانت هوندو آهي جيڪا محمد علي ايمانداري سان ادا ڪندو رهي ٿو. ڪهاڻيڪار ۽ شاعر ممتاز لوهار چيو ته شاعر فطرت جا عاشق ۽ سماج جا سونهان هوندا آهن جيڪي ماڻهن کي مشڪلاتن ۾ همٿن جا دڳ ڏسيندا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.