دادو ڪورٽ ۾ ام ارباب گهر ڀاتي قتل ڪيس جي ٻڌڻي

دادو ( ڊ ر ) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي ڏاڏا، والد ۽ چاچا جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ام رباب  چانڊيو ايل ايل بي جي امتحان سبب عدالتي ٻڌڻي تي نه پهتي، جڏهن ته فريادي ڌر پاران پرويز چانڊيو عدالت ۾ موجود هو. 3 ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو، علي گوهر چانڊيو ۽ ٻيا پڻ عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت ۾ ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار علي گوهر چانڊيو جي ضمانت واري درخواست تي وڪيلن جا دليل شروع ٿيا ته جوابدار جي وڪيل ضمانت واري درخواست واپس وٺي ڇڏي. ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ جوابدار سردار احمد چانڊيو ۽ برحان چانڊيو کي ڪيس ۾ شامل ڪرڻ جو اختيار نه هجڻ واري سندن وڪيل جي درخواست عدالت رد ڪندي ٽن ڄڻن جي قتل ۾ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ برحان چانڊيو کي شامل ڪرڻ واري نقطي تي 7 نومبر تي ٻنهي ڌرين جي وڪيلن کي دليل ڏيڻ لاءِ ٻڌڻي مقرر ڪري ڇڏي آهي. فريادي ڌر ام رباب چانڊيو جي وڪيل عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو عدالت جوابدار ڌر جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ هنن ٻن ايم پر ايز کي نامزد ڪرڻ واري پوائنٽ کي ماڊل ڪرٽ پاران ٻڌڻ جو اختيار نه هئڻ کي چيلينج ڪيو هو عدالت ان تي فيصلو ڏنو ته عدالت کي اختيار آهي ته هو ان پوائنٽ تي فيصلو ڪري اسان کي عدالت مان انصاف جي اميد آهي.جڏهن ته ايم پي اي سردار چانڊيو عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کين عدالت تي يقين آهي ته هو انهن سان انصاف ڪندي ڇا ڪاڻ ته هو هن ڪيس ۾ ملوث نه آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.