ڪوٽ بنگلو لڳ بينڪ جي نوٽيس بعد پيرسن جو آپگهات

ڪوٽڏيجي (ن ع آ ) ڪوٽڏيجي ڀرسان پورهيت  غربت کان تنگ اچي پنهنجي مٿان بندوق جا فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي خبر موجب ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ڪوٽبنگلو ڀرسان سوراه چوڪ جو رهواسي 65   ورهين جو پورهيت  محب علي پريو  ولد محمد حسن غربت کان تنگ اچي ڪري پنھنجي گھر اندر بندوق جو فائر ڪري پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجاڙي ڇڏيو ٻئي طرف علائقي ۾ چوٻول هلي رهيا هئا ته پورهيت پنهنجي زرعي زمين زرعي بينڪ ۾ گروي طور رکي هئي ڪافي سال گذرن باوجود وقت سر پئسا نه ڏيڻ تي بينڪ عملي پاران نوٽيس ۽ فون ڪال ڪري پئسا جمع ڪرائڻ جو چوندا رهيا نه ڏيڻ جي صورت ۾ پوليس هٿان گرفتار ڪرائڻ جو داٻا ڏيندا هئا . ڪافي ڏينهن کان پريشاني ۾ مبتلا رهڻ بعد پورهيت زندگي کان تنگ اچي ڪري پنھنجي مٿان بندوق جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.