آريجن لڳ ڪتي شاگردياڻي کي ڏاڙهي وڌو

خير محمد آريجا (ن ع آ) خير محمد آريجا لڳ ڪچي واري علائقي ۽ سنڌو درياءَ جي ڀڪ ۾ اڏيل ڳوٺ پراڻي گڏ جي رهواسڻ پهرين  درجي جي معصوم شاگردياڻي 6  سالا تبسم ميراڻي بنت مير محمد ميراڻي اسڪول وڃي رهي هئي ته رستي ۾ ڇتي ڪتي پٺي ۽ ڄنگھن ۾ چڪ ڏاڙهي سخت زخمي ڪري وڌو سندس پيءُ مير محمد ميراڻي وئڪسين ڪرائڻ لاءِ معصوم نينگري کي تعلقه اسپتال باقراڻي ايٽ آريجا کڻي آيو تعلقه اسپتال باقراڻي ايٽ آريجا ۾ ڇتي ڪتي جي وئڪسين نه هجڻ ڪري معصوم نينگري کي سندس پيءُ ڇتي ڪتي جي وئڪسين ڪرائڻ لاءِ لاڙڪاڻو اسپتال کڻائي ويو.  هوڏانهن ان سلسلي ۾ معصوم نينگري جي پيءُ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته افسوس آهي جو ڪروڙين روپين جي لاڳت سان تعلقه اسپتال باقراڻي ايٽ آريجا تيار ته ڪئي وئي آهي پر اسان جهڙن غريب ماڻهن جي لاءِ  ايمرجنسي ۾ تعلقه اسپتال ۾ ڪابه سهولت موجود نه آهي ان موقعي تي ڇتي ڪتي جي ڏاڙهيل معصوم نينگري جي پيءُ ڊي سي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي خدارا اهڙي معامري جو نوٽيس وٺي تعلقه اسپتال ۾ ڇتي ڪتي جي وئڪسين سميت ٻيون ايمرجنسي سهولتون فراهم ڪيون وڃن هن وڌيڪ چيو ته اسان انتظا کان مطالبو ٿا ڪيون ته ڪتا مار مهم شروع ڪري معصوم ٻارڙن مان خوف ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.