ميروخان لڳ قتل ڪيل ٻن معصوم ٻارڙن جو ٽيجهو

ميروخان ( ن ع آ ) ميروخان ٿاڻي جي حد ڳوٺ نئون ٺارو وڌو ڀرسان نامعلوم ڦورون هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل ٻن معصوم  سئوٽن شڪيل بروهي ۽ الهورايو بروهي جو ٽيجهو ٿي گذريو . جڏهن ته پي اي پندرھن جي ايم پي اي گھنور خان اسراڻ طرفان بي گناھ مارجي ويلن جي وارثن سان فون تي رابطو ڪري کين قاتلن جي گرفتاري ۾ ھر قسم جي مدد ۽ انصاف جي خاطري ڪرائي وئي آھي ايم پي گھنور خان اسراڻ جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته آءِ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ سان مسلسل رابطي ۾ آھيان .  قاتلن کي گرفتارڪيو ويندو، ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ جاويد احمد جاگيراڻي شهيد ٿي ويل نينگرن جي ڳوٺ شير دل بروهي ۾ تڏي تي پهچي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انصاف جي خاطري ڪرائي آهي . ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ جاويد احمد جاگيراڻي چيو ته هي تمام وڏو واقعو آهي جنهن ۾ ٻه معصوم ٻار بيگناه گوليون هڻي شهيد ڪيا ويا آهن  جوابدارن جو پتو لڳايو آهي ۽ انهن جي گرفتاري لاءِ ڪوشش به ڪئي پئي وڃي وارث ڪيس داخل ڪرائڻ ناهن آيا جئين ئي ايندا ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.