حيدرآباد ويجهو موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾عورت ۽ نينگر زخمي

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد کان ويندڙ بدين مين روڊ تي ھوسڙي موڙ وٽ موٽر سائيڪل تي ون ويلنگ ڪندڙن نوجوان ڪاشف ولد عبدالغفار قاضي کان موٽر سائيڪل  ڪنٽرول مان نڪري وئي، جيڪا روڊ تي بيٺل ھوسڙي جي رھواسڻ 49 ورھين جي راڌا زال ڌارشي ڪولھي ۽ سندس 9 ورھين جي پٽ راشي کي وڃي لڳي، جنهن ڪري راڌا جي ڄنگهه ۽ ٻانهن ڀڄي پيون ۽ 9 ورھين جو راشي پڻ زخمي ٿي پيو، جڏهن ته ون ويلنگ ڪندڙ ڪاشف قاضي پڻ سخت زخمي ٿي پيو، جن کي حيدرآباد سول اسپتال  نيو ويو آهي.17

قمبر ويجهو ڪئنچي لڳڻ سبب نوجوان زخمي، چانڊڪا داخل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) قمبر ڀرسان ڳوٺ آچا ۾ ٽريڪٽر صاف ڪندي ڪئنچي لڳڻ سبب نوجوان علي دوست پٽ علي اڪبر آچو سخت  زخمي ٿي پيو جنهن کي گهر ڀاتين کڻائي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي جي چاچي ممتاز علي آچو ٻڌايو ته ڀائيٽو علي دوست ٽريڪٽر کي صاف ڪندي ٽريڪٽر مٿان ڪري پيو نتيجي ۾ ڪئنچي لڳڻ سبب زخمي ٿيو آهي.

ٽنڊي غلام حيدر ويجهو روڊ حادثو، نوجوان زخمي

ٽنڊو غلام حيدر (ن ع آ ) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان انصاري شگر ملز حيدرآباد_بدين روڊ تي تيزرفتار موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ زوردار  ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ باهي خان ٽالپر واسي محرم هاليپوٽو سخت زخمي ٿي پيو اطلاع تي حد جي ٽنڊوغلام حيدر پوليس حادثي واري هنڌ پهچي زخمي کي ٽنڊوغلام حيدر سرڪاري اسپتال آندو جتان ڊاڪٽرن پاران طبي امداد ڏيڻ بعد حيدرآباد سيول اسپتال اماڻي ڇڏيو،جڏھن ته حادثي جو اڃا تائين ڪو به ڪيس وغيره داخل ناهي ٿي سگهيو.

ڪنب لڳ ٽرڪ ۽  وين ۾ ٽڪر، ڊرائيور ۽ ڪلينر زخمي. گمس منتقل

ڪنب (ن ع آ )ڪنب لڳ مهراڻ ھاءِ وي تي ٽرڪ جي مسافر وين کي  ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ وين ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي  ۾ وين ڊرائيور علي رضا گوپانگ ۽ ڪلينر جاويد ڪلهوڙو سميت ٽي ڄڻازخمي ٿي پيا، اطلاع ملڻ تي ڪنب پوليس پهچي زخمين کي گمس اسپتال گمبٽ داخل ڪرايو جڏهن ته زخمي ڊرائيور علي رضا گوپانگ کي سول اسپتال خيرپور نيو ويو ، ڪنب پوليس ٽرڪ ۽ وين کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي،

ڪوٽڙي ۾ ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر سبب  پيرسن زخمي ، حيدر آباد،اسپتال منتقل

ڪوٽڙي ( ت ر ) ڪوٽڙي جي مسڪين ڪالوني واري علائقي ۾ ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ ھڪ 70 سالا پيرسن رشيد شيخ سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي بلاول  ميڊيڪل اسپتال ڪوٽڙي آندو ويو جتان کيس نازڪ حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو آھي ھوڏانھن ٽريڪٽر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.