ٽنڊو آدم ۾ڏيتي ليتي تان هوٽل تي حملو، 6 ڄڻا رتو رت، ڪيس داخل

ٽنڊو آدم ( ت ر )  ٽنڊوآدم جهول روڊ تي ڳوٺ سستي بستي ڀرسان واقع دعا سلاطين هوٽل تي بروهي برادريءَ جي ماڻهن قرضن  جي ڏيتي ليتيءَ تان هلان ڪري پنهنجي برادريءَ جي هوٽل مالڪ فضل غني بروهي، سميت ملازمن اسرار، قادر ،احسان، الله بهادر ، امان الله کي لتن مڪن ۽ هٿيارن جي بٽن سان تشدد جو نشانو بڻائي زخمي ڪري وڌو ان دوران جوابدارن هوٽل ۾ ڀڃ ڊاھ ڪري قيمتي سامان ٽوڙي ڇڏيو جهيڙي دوران هوٽل تي ويٺل گراهڪن ڀڄي جان بچائي. جوابدار ڪارروائي ڪري فرار ٿي ويا بي سيڪشن پوليس زخمين کي تعلقه اسپتال پهچايو جتان طبي امداد ڏيڻ بعد حيدرآباد موڪليو ويو واقعي جو ڪيس هوٽل مالڪ جي فرياد تي 14 جوابدارن جاويد ، قادر، اڪبر ، سجاد، عامر، آصف ، عرفان ، سليم ۽ ٻين  تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي پر ڪابه گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي ۔  ايس ايڇ او بي سيڪشن اختر بجاراڻي ٻڌايو ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو .

قمبر ۾بد امني، پاپوليشن کاتي جي ملازمن جو احتجاج

قمبر( ن ع آ) پاپوليشن جي فيلڊ ٽيڪنيڪل آفيسر باجي نسيم جي گهر مان سونا زيور روڪ رقم ۽ موبائيل فون اي ٽي ايم ڪارڊ ڦر  ڪرڻ خلاف پاپوليشن کاتي جي ملازمن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي اڳواڻن امام الدين بگٽي،محمد نواز ميمڻ، ۽ ٻين چيو ته باجي نسيم جي گهر ۾ ڌاڙي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا شهر اندر گهرن ۾ گهري ڦورو سرعام ڦر ڪري وڃن ٿا صرف ڦورن جو راڄ آهي هنن مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل سامان واپس ڪيو وڃي،،ٻئي پاسي ايس ايچ او سٽي نور محمد ابڙو ٻڌايو ته گذريل رات گهر ۾ ڌاڙو هڻندڙ جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جلد جوابدرگرفتار ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪيو ويندو.

احمدپور لڳ ڊرائيور اغوا، ٽرالي ڦر، تشدد بعد ڦٽو ڪري فرار

احمدپور ( ن ع آ )  احمدپور جي ڳوٺ پير جيوڻ جي رھواسي زميندار ھدايت الله ميتلو جي ڊرائيور احسان ميتلو کي  ھٿياربندن پيرڳوٺ  ٿاڻي جي حد راھوجا ڀرسان ھٿيارن جي زور تي روڪي ڊرائيور کي اغوا ڪرڻ سان گڏ فيئيٽ ٽريڪٽر ٽرالي ڦر ڪري فرار ٿي ويا 12 ڪلاڪن بعد ھٿياربندن يرغمالي ڊرائيور احسان ميتلو کي سخت تشدد ڪرڻ بعد رسن سان ٻڌي اڳڙا ٿاڻي جي حد ۾ فصل ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، دانھن تي ڀرپاسي جي رھواسين رسن ۾ ٻڌل ڊرائيور بابت پوليس کي اطلاع ڏنو اڳڙا پوليس پھچي ڊرائيور کي ھٿ ڪري ٿاڻي تي کڻي وئي.  ان ڏس ۾ ڳوٺاڻي ممتاز ميتلي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڊرائيور احسان ميتلو لوڊ لاھي سکر کان ڳوٺ اچي رھيو ھو ته راھوجا ويجھو ھٿياربندن کيس اغوا ڪري ورتو ٽريڪٽر ٽرالي به ڦر ڪري فرار ٿي ويا واقعي جو پيرجوڳوٺ پوليس کي اطلاع ڏنوسين پر پوليس  ڪابه مدد نه ڪئي پوليس ڄڻ واقعي کان بي خبر بڻيل رھي بدامني چوٽ چڙھي وئي آهي پر تنھن باوجود پيرڳوٺ پوليس ننڊ ۾ ستل آهي.

ميهڙ ڀرسان واپاري کان لکين رپيا ڦر

ميهڙ  ( ن ع آ )ميهڙ ڀرسان شاھ پنجو پوليس اسٽيشن ۽ نئون ڳوٺ ڏوهارين جو ڳڙهه بڻجي ويو، ميهڙ نئون ڳوٺ مين روڊ تي جوڳين ۽  ميھڙ جي مشھور واپاري کان لکين روپيا ٻيو قيمتي سامان ڦر، ڦورون آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب، بروقت حد جي پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس روايت موجود هڪ ڪلاڪ دير سان پهتي   ۽ ڪابه ڪاروائي نه ڪئي، سياسي، سماجي، دڪاندار يونين جي اڳواڻن ۽ سوين ماڻھن شاھ پنجو ٿاڻو اڳيان ڌرڻو هنيو  ايس ايڇ او خلاف سخت نعريبازي  ڪئي ۽ٽرئفڪ معطل ٿي وئي.

شهدادڪوٽ ۾ شوروم مان 15 لک رپين جي چوري

شھدادڪوٽ ( ڊ ر ) شھدادڪوٽ ۾ نامعلوم چور  ھونڊا موٽرسائيڪل شوروم جا تالا ٽوڙي 15 لک روپيا چوري ڪري فرار ٿي ويا,اطلاع  تي ايس ايس پي پھتو ,پوليس کي چور  ھٿ ڪرڻ جو حڪم,  شھر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ واقع واپڊا روڊ تي ھونڊا سي ڊي موٽرسائيڪل شوروم مان ڪار تي سوار نامعلوم چور شوروم جا تالا ڀڃي خاني ۾ رکيل 15 لک روپيا چوري ڪري ساڳئي ڪار ۾ آساني سان فرار ٿي ويا آهن ,ان حوالي سان ھنڊا شوروم جي مالڪ ساگر شيخ صحافين کي ٻڌايو ته صبح جو سوير ڪار ۾ سوار نامعلوم چور مارڪيٽ جا تالا ٽوڙي خاني ۾ پيل 15 لک روپيا چوري ڪيا ويا  آهن . ھن چيو ته حيرت آهي ته وچ شھر ۾  چور ڪار تي سوار ٿي اچي مارڪيٽ جا تالا ٽوڙي چوري ڪري ويا پر پوليس کي خبر پئجي نه سگهي جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ,ھن چيو ته  فنگر پرنٽس ذريعي چورن جو پتو ڪيون پيا, کين جلد پڌرو ڪنداسي,ٻئي طرف چوري جي اطلاع تي ايس ايس  پي قمبرشھدادڪوٽ عمران قريشي  شھدادڪوٽ پھچي  چوري واري واقعي بابت ڄاڻ ورتي جتي ھن پوليس کي فوري طور تي چورن جو پتو لڳائڻ جو حڪم ڏنو,ھوڏانھن ڏينهن ڏٺي جو وچ شھر مان چوري ٿيڻ تي شھر جي واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن ۾ ڳڻتي جي لھر ڇائنجي ويئي آهي

خانپور ۾نئين ايس ايڇ او ٻوٽو نه ٻاريو، بدامني چوٽ

خانپور ( ن ع آ ) خانپور ٿاڻي جي حد انڊس ھائيوي تان3 نامعلوم ھٿياربندن پارڪو تيل ڪمپني جي پرائيويٽ گارڊ اصغر علي کي  ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي مارڪٽ ڪري cd موٽر سائيڪل ائيل فون ۽ ھزارين روپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا خانپور ٿاڻي تي نامعلو3ھٿياربندن خلاف اصغر علي پاران اين سي داخل پوليس ڪا ب ڪاروائي ن ڪئي.

لاڙڪاڻي مان چور دڪان کي کاٽ هڻي ويا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد اسٽيشن روڊ تي قائم جنرل اسٽور دڪان مان نامعلوم چور صبح سوير دڪان جا تالا  ٽوڙي هڪ لک 20 هزار روپيا روڪ رقم ۽ 25 هزار روپين جي ماليت جا سگريٽ کڻي فرار ٿي ويا، اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي سي سي ٽي فوٽيجز ۽ ٻيون شاهديون گڏ ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي. ان حوالي سان متاثر دڪاندار عقيل احمد جتوئي ٻڌايو ته آءُ جيئن صبح 8 وڳي دڪان کولڻ لاءِ پهتس ته دڪان جو ڇٽر کليل هو نامعلوم چورن دڪان جا تالا ٽوڙي هڪ لک 20 هزار روپيا روڪ رقم ۽ 25 هزار روپين جي ماليت جا سگريٽ چوري ڪري ويا آهن. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته نامعلوم چورن کي گرفتار ڪري روڪ رقم ۽ سامان واپس ڪرايو وڃي. هوڏانهن ايس ايڇ او دڙي عبدالرحيم ڪلهوڙو ٻڌايو ته واقعي جي اطلاع تي پهچي جنرل اسٽور مالڪ عقيل احمد جتوئي کان تفصيل وٺڻ سان گڏ سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ ٻيون شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي تمام جلد چورن کي گرفتار ڪري روڪ رقم ۽ سامان هٿ ڪيو ويندو.

لاڙڪاڻي ۾ شهرين کي ڦريندڙ جوابدار جو رمانڊ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ويب چينل جو نمائندو سڏائي عام شهرين کان ڦرلٽ ڪري سوشل ميڊيا تي صحافين جي ڪردار ڪشي ۾ ملوث جوابدار نويد کهڙو کي  مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس ٿرڊ سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ وقار احمد جوڻيجو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت جوابدار کي 3 ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان مارڪيٽ پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ويب چينل جو نمائندو سڏائي عام شهرين کي تنگ ڪندو هو جنهن مٿان ڦر سميت ٻيا ڪيس داخل آهن کيس ٿرڊ سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت کيس 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جوابدار کان وڌيڪ جاچ جاري آهي.

مديجي ڀرسان مينهن چوري دوران جوابدار سوگهو

مدئجي(ن ع آ ) ڳوٺ خدابخش بروهي ۾ نامعلوم چورن جي ٽولي ڳوٺاڻي محمد پناھ بروهي جي گهر ۾گهڙي  ٻه ڀلوڙ مينهون ڪاهي وڃي رهيا هئا ته گهر ڀاتين جي  سجاڳ تي ڳوٺاڻن ۽ گهرڌڻين چورن جو پيڇو ڪيو جنهن دوران چورن ۽ ڀاڳين وچ ۾ فائرنگ ٿي،اڌ ڪلاڪ تائين جاري فائرنگ سبب پوري علائقي ۾ خوف و حراس پکڙجي ويو،فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ چور کي سوگهو ڪري ورتو جڏهن ته سندس ٻيا ساٿي ٻه مينهون ڪاهي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا،ڳوٺاڻن پاران پڪڙيل چور کي ٺاهوڪي ڦيهه ڏيڻ بعد مدئجي پوليس حوالي ڪيو جنهن جي سڃاڻپ سائينداد خروس ڪئي وئي،جڏهن پوليس پڪڙيل چور کي تحويل ۾ وٺي اڻڃاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو،

ڀرياسٽي ويجهو چور ڳوٺاڻي جا 3 ڀلوڙ ڇيلا ڪاهي ويا، اين سي داخل

ڀرياسٽي (ن ع آ) ڀرياسٽي ويجهو ڳوٺ گل محمد ڌوئنرون  مان ٽي  اڻڄاتل چور ڳوٺاڻي جا لکين ماليت جا ٽي ڀلوڙ نسل جا ڇيلا ڪاهي فرار ٿي ويا. متاثر پاران ڀرياسٽي ٿاڻي  تي واقعي جي رپورٽ داخل ، تفصيل موجب ڀرياسٽي ويجهو ڳوٺ گل محمد ڌوئنرو ۾ رات جي اونڌاهي ۾ ٽي اڻڄاتل چور  ڳوٺاڻي قربان علي ڌوئنرو جي گهر کي کاٽ  هڻي لکين ماليت جا ٽي ڀلوڙنسل جا  ڇيلا ڪاهي فرار ٿي ويا جڏهن ته متاثر ڳوٺاڻي پاران ڀرياسٽي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي  ، جڏهن ته ڳوٺاڻن پاران پيرين جي مدد سان چورن جا پيرا کنيا ويا.  جيڪي ڪجهه پنڌ هلي ڦلو واهڻ برسان مينڌي جي فصل وٽ پڪي روڊ تي غائب ٿي ويا ،هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڀرياسٽي پوليس ٻڌايو ته ڳوٺاڻي جي فرياد بعد چورن جي جاچ ڪري رهيا آهيون ، تمام جلد ڏوهه هٿ ڪيو ويندو..

خانپور ۾ دڪان مان چوري، شهرين جو احتجاج

خانپور ( ن ع آ ) خانپور شھر جي مين بازار مان گذريل رات نامعلوم چور عمران آرائين جي موبائيلن جي دوڪان جا تالا ٽوڙي ڪيترائي موبائيل جا نوان سيٽ ڪيسنگيون  موبائيل جا چارجر چوري ڪري فرار ٿي ويا اھڙو اطلاع خانپور ٿاڻي تي پڻ ڏنو ويو ۽۽ نامعلوم چورن خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي آھي، ٻئي طرف خانپور جي شھرين عمران آرائين حافظ محمد سليم مولوي عنايت الله جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو شري اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ت خانپور شھر ۾ نئون آيل ايس ايڇ او ب ٻوٽو ن ٻاريو شھر مان دوڪان جا تالا ٽوڙي ھزاين روپين جي چوري ڪري چور فرار ٿي ويا  انڊس ھائي وي تان موٽر سائيڪل ڦر ڪئي وئي ايمدندار آفيسر مقرر ڪري شھر ۾ امن و امان قائم ڪرايو وڃي .

ڪوٽ بنگلو مان موٽر سائيڪل چوري، اين سي داخل

ڪوٽڏيجي ( ن ع آ ) ڪوٽڏيجي جي علائقي ڪوٽبنگلو شھر جي نوناري مسجد اڳيان بيٺل پورهيت نوجوان مبين بلادي جي سي ڊي موٽر سائيڪل 2013  نامعلوم چاٻي چور آساني سان ڪاهي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب پورهيت مبين بلادي پنهنجي وارثن سان گڏ پريس ڪلب ڪوٽڏيجي آڏو احتجاج  ڪندي ٻڌايو ته مان  موٽر سائيڪل کي تالو هڻي مسجد اڳيان بيهاري مسجد اندر خيرات کائڻ ويس ۽ بعد ۾ جيئن واپس موٽي آيس ته موٽر سائيڪل ڪو نه هئي،.  هيڏانهن هوڏانهن پڇا ڳاڇا ڪرڻ  ڪٿان به ڪا خبر نه پئي جنھن بعد ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي اين سي داخل

نيوسعيد آباد ٽائون ڪاميٽي مان سامان چوري

نيوسعيدآباد ( ن ع آ ) ٽائون ڪميٽي نيوسعيدآباد ۾ مبينا ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جوپڙاڏو، ڪرپشن جونالونشان مٽائڻ لاءِ رڪارڊ چوري ڪرايوويو،  ٽائون ڪميٽي نيوسعيدآباد مان ضروري رڪارڊ سميت ٻه ايل سيڊيز، ھڪ ايئرڪنڊيشنڊ، فيڪس مشين۽ٻيو سامان مبيناچوري ٿي ويوآھي، ٽائون ڪميٽي مان چوري ٿيل سامان۽رڪارڊ جوالزام بدلي ٿي ويل ٽائون آفيسرھنيوويوپر واضع ثبوت نه ملي سگھيا آھن، جڏھن ته نيوسعيدآباد ٿاڻي تي ٽائون ڪميٽي جي چوڪيدار علي رضاخشڪ جي فريادتي چوري جي ايف آءآرداخل ڪرڻ بدران اين سي رپورٽ داخل ڪئي وئي آھي جنھن مان واضع ٿو ٿئي ته رڪارڊسازش تحت چوري ڪرائي ڪيل ڪرپشن جاثبوت مٽائڻ آھي،واضع رھي ته ٽائون ڪميٽي ۾ ٿيل مبينا ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ۽ سياسي بنيادن تي ڏنل نوڪرين بابت نيب۽اينٽي ڪرپشن جاادارا تحقيقات ڪري رھياآهي، ھوڏانھن ڪجهھ ملازمن جوالزام آھي ته بدلي ٿي ويل ٽائون آفيسرغلام مرتضيٰ جاگيراڻي گذريل ڇنڇرجي رات ديرسان چوڪيدارن کي ٻاھرموڪلي پاڻ رڪارڊ۽ٻيوسامان کڻي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.