”رسڪ الائونس ڏيو“ سرڪاري اسپتالن ۾ پنجين ڏينهن به اوپي ڊيز کي تالا، مريض دربدر

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ سرڪار طرفان رسڪ الائونس بند ڪرڻ خلاف هيلٿ گرينڊ الائينس جي سڏ تي سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ڪالهه پنجين ڏينهن به او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، صحت  کاتي جي ملازمن طرفان جاري احتجاج سبب مريض دربدر ٿي ويا آهن، ملازمن ڪالهه به  حيدرآباد، ميرپورخاص ، بدين، جيڪب آباد، فيض گنج،ٽنڊو آدم،  ڊگهڙي، مبارڪ پور،ميهڙ، خانپور،  نواب ولي محمد ۾ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ريليون ڪڍيون،  گرينڊ هيلٿ الائنس جي احتجاج سبب اسپتالن ۾ علاج لاءِ ايندڙ مريض گذريل 5 ڏينهن کان دربدر آهن، اڪثر شهرن ۾  پري پري کان مريض علاج لاءِ پهچن ٿا، پر عملي جي احتجاج سبب واپس موٽڻ تي مجبور ٿين ٿا، هوڏانهن صحت کاتي جي ملازمن مطالبو ڪيو آهي ته گرينڊ هيلٿ الائنس جا مطالبا پورا ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.