نواز شريف جو حشر الطاف جهڙو ٿيندو: شيخ رشيد

لاهور (بيورو+ م ڊ ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد مسلم ليگ ن تي پابندي جو اشارو ڏيندي چيو ته نواز شريف جو حشر به الطاف حسين جهڙو ٿيندو، ن ليگ ملڪ دشمنن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي،  مٿس پابندي لڳڻ گهرجي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته نواز شريف اشتهاري ڏوهاري آهي، گذريل ڏينهن هن 11 ڀيرا قمر جاويد باجوه جو نالو ورتو، پاڪستان ۾ جمهوريت فوج جي ڪري آهي، پاڪ فوج ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي ضامنت آهي، هي ادارن ۾ ٽڪراءُ چاهين ٿا، هاڻي نواز شريف جي سياست ٻيهر پاڪستان ۾ نه ايندي،  سندس سياسي جنازو لنڊن مان ئي ايندو. هن چيو ته واضح لفظن ۾ چوان ٿو ته 31 ڊسمبر کان 20 فيبروري تائين 15 ماڻهو اوهان جي پارٽي ڇڏي ڏيندا. شيخ رشيد چيو ته اشتهاري جوابدار نواز شريف جي هڪ ئي ايجنڊا آهي ته مريم نواز کي لنڊن وڃڻ ڏنو وڃي، سندس تقريرن کي ڀارت ۾ ڏيکاريو ويو، ڀارت ۾ الطاف حسين کي اهڙي ڪوريج نه ملي، جيڪا نواز شريف کي ملي، ن ليگ ڀارت کان پئسا وٺي ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهي ٿي، نواز شريف جو اهو رويو رهيو ته ايندڙ 5 سالن لاءِ به عمران خان جي حڪومت هوندي. وفاقي وزير چيو ته اپوزيشن جماعتن هڪ مهيني کان ميڊيا کي مصروف رکيو، گذريل ڏينهن جلسي تي اربين رپيا خرچ ڪيا ويا پر پوءِ به جلسو ناڪام ويو، رڳو بينظير ۽ عمران خان وڏا جلسا ڪيا. شيخ رشيد چيو ته نواز شريف جي استنبول ۾ ٿيل ملاقات جي ڄاڻ آهي پر ٻڌائڻ نٿو چاهيان، اڳ ۾ ئي ٻن ملاقاتن جو ٻڌائي ڦاسي ويو آهيان، وڌيڪ ذڪر ڪيو ته طوفان ايندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.