ڪورونا وائرس ڏهاڙي ڪمائيندڙن کي نپوڙي ڇڏيو، 85 سيڪڙو ٻن ويلن لاءِ به پريشان

ڪراچي ( م ڊ ) گيلپ پاڪستان سروي ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته 85 سيڪڙو پاڪستاني ڪورونا وائرس سبب گهٽ آمدني هئڻ ڪري پريشان آهن، بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ گهٽ کاڌو کائڻ، سستي غذائي شين جو  استعمال ڪرڻ ۽ مٽ مائٽن کان مدد گهرن وارن جي شرح ۾ به واڌ ڏٺي وئي آهي، ڪورونا سبب عام ماڻهوءَ جي معاشي خراب ٿي آهي، جنهن ۾ هيل تائين بهتري ناهي اچي سگهي، ان ڳالهه جو انڪشاف گيلپ سروي آف پاڪستان تازي سروي ۾ ڪيو آهي، جنهن ۾ هيل تائين بهتري ناهي اچي سگهي.گذريل ستن ڏينهن دوران بنيادي ضرورتن لاءِ مٽ مائٽن سان مدد وٺڻ وارن جي شرح ۾ 10 سيڪڙو اضافي کانپوءِ هاڻي اها شرح 21 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. سروي ۾ ڏٺو ويو ته گهريلو ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ عوام بچت ڪيل  رقم تي ڀاڙي رهيو آهي، 72 لک ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي بچت ڪيل رقم تي ڀاڙي رهيا آهن. حڪومت ۽ اين جي او کان امداد وٺڻ وارن جي شرح ۾ به گذريل سروي جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو اضافي کانپوءِ 4 ٿي ويو آهي. موجوده سروي ۾ گهر جا خرچ پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجا اثاثا وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، گذريل سروي ۾ 5 سيڪڙو ماڻهو چيو ته اهي اثاثا وڪرو ڪن ٿا پر هن ڀيري 7 سيڪڙو ماڻهن ٻڌايو ته اهي پنهنجا اثاثا وڪرو پيا ڪن، جيڪي پاڪستاني آبادي جي حساب سان 84 لک ٿين ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.