70 سالن دوران پهرين عورت کي موت جي سزا ڏيڻ جو فيصلو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ 70 سالن دوران پهرين ڏوهاري عورت کي موت جي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا جي انصاف واري کاتي عورت کي موت جي سزا ڏيڻ واري فيصلي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ليسا مونٽگومري نالي عورت کي 8 ڊسمبر تي موت جي سزا ڏني ويندي.

آمريڪي انصاف واري کاتي ٻڌايو ته عورت کي 2004ع ۾ هڪ قتل ڪيس ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي جنهن ۾ هن ميسوري رياست ۾ اُميد واري عورت کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو هو جنهن جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ليسا کي زهر جي انجيڪشن (سُئي) هڻي موت جي سزا ڏني ويندي.

موت جي سزا جي حوالي سان قائم آمريڪي انفارميشن سينٽر جو ٻڌائڻ آهي ته آمريڪا ۾ آخري ڀيرو جنهن عورت کي موت جي سزا ڏني وئي هئي ان جو نالو بوني هيڊي هو جنهن کي 1953ع ۾ گيس چيمبر ۾ بند ڪري موت جي سزا ڏني وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.