ملڪ اندر ڪورونا سبب کاڌو گهٽ کائڻ، سستيون شيون استعمال ڪرڻ ۽ مدد وٺندڙن جي انگ ۾ واڌ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) 85 سيڪڙو پاڪستاني ڪورونا جي جي ڪري آمدن گهٽ هئڻ سبب پريشان آهن، گيلپ پاڪستان جي سروي انڪشاف ڪري ڇڏيو.

سروي ۾ گهر جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ کاڌو گهٽ کائڻ، سستيون غذائي شيون استعمال ڪرڻ ۽ مائٽن کان مدد گهرندڙن جي شرح ۾ به واڌ ڏٺي وئي آهي.

ڪورونا وبا سان عام ماڻهو جي معاشي  حالت وڌيڪ خراب ٿي آهي جنهن ۾ هن وقت تائين بهتري ناهي اچي سگهي. ان ڳالهه جو انڪشاف گيلپ پاڪستان جي تازي سروي ۾ ٿيو جنهن ۾ سڄي ملڪ مان 2100 کان وڌيڪ ماڻهن حصو ورتو. هي سروي 9 سيپٽمبر کان 2 آڪٽوبر جي وچ ۾ ڪئي وئي.

سروي ۾ ڪورونا جي وبا دوران گهريلو آمدني ۾ گهٽتائي جي شڪايت پاڪستاني عوام جي اڪثريت ڪئي. گذريل سروي ۾ 84 سيڪڙو ماڻهو آمدن ۾ گهٽتائي ٿيڻ جو چيو هو جڏهن ته موجوده سروي ۾ اِها شرح 85 سيڪڙو نظر آئي جڏهن ته آمدن ۾ ڪو فرق نه چوندڙن جي شرح 16 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 14 سيڪڙو ٿي وئي.

اهڙي طرح گهر جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ کائڻ ۾ گهٽتائي جي گذريل سروي ۾ 09 سيڪڙو ماڻهن چيو هو پر موجوده سروي ۾ ائين چوندڙن جي شرح 3 سيڪڙو واڌ کان پوءِ 12 سيڪڙو ٿي وئي.

گهر جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ سستين غذائي شين جي استعمال جو چوندڙن ماڻهن جي شرح گذريل سروي ۾ 10 سيڪڙو هئي جيڪا 6 سيڪڙو واڌ کان پوءِ هاڻ 16 سيڪڙو اچي وئي آهي.

گذريل ست ڏينهن ۾ بنيادي ضرورتن جي لاءِ مائٽن يا عزيزن کان مدد وٺڻ جو چوندڙ ماڻهن جي شرح گذريل سروي جي ڀيٽ ۾ 10 سيڪڙو واڌ کان پوءِ هاڻ 21 سيڪڙو تي اچي وئي آه .

سروي ۾ اِهو ڏٺو ويو آهي ته گهريلو ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ عوام جو دارومدار جمع پونجي تي گهٽ ٿي رهيو آهي. گذريل سروي ۾ 10 سيڪڙو ماڻهن جمع پونجي استعمال ڪرڻ جو ٻڌايو هو جڏهن ته موجوده سروي ۾ 6 سيڪڙو ائين ڪرڻ جو چيو. اِهو انگ به ملڪي آبادي جي تناسب سان 72 لک بڻجي ٿي.

سروي ۾ اِهو به ڏٺو ويو ته خرچ پورا ڪرڻ جي لاءِ گذريل سروي جيان موجوده سروي ۾ به 11 سيڪڙو ماڻهن آمدن کان وڌيڪ ذريعا وڌائڻ تي غور جو چيو آهي.

حڪومت ۽ اين جي اوز کان امداد وٺڻ جو چوندڙ ماڻهن جي شرح به گذريل سروي جي ڀيٽ ۾ 01 سيڪڙو واڌ کان پوءِ 04 سيڪڙو ٿي وئي آهي.

موجوده سروي ۾ گهر جا خرچ پورا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجا اثاثا وڪرو ڪرڻ جو چوندڙن جي شرح ۾ به واڌ ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.