احمدپور : مامن ڀاڻيجن لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي، ڳوٺ مان لڏائڻ لاءِ ڌمڪيون

احمدپور ڀرسان مامن ڀاڻيجن لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي، ڳوٺ مان لڏائڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ لڳا,ڌمڪين خلاف احتجاج مظاهرو ڪيو ويو ، ڳوٺ عيسيٰ ڍونڍڻ جي رهواسين محمد مٺل ڍونڍڻ ، سندس پٽن نصرالله ڍونڍڻ ، احسان الله ڍونڍڻ ڳوٺ واسين سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو،  ان موقعي محمد مٺل ڍونڍڻ صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته علي حسن ڍونڍڻ ، علي احمد، علي محمد ڍونڍڻ پنهنجن ڀاڻيجن نصرالله ۽ احسان الله ڍونڍڻ جي لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي آهي ۽ ڳوٺ مان لڏائڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جڏهن ته علائقي جي چڱن مڙسن وٽ پڻ فيصلو ٿيل آهي جنهن جي به لکت موجود آهي هنن ايس ايس پي خيرپور، ڊي آءِ جي سکر ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي ته مامن جي ظلمن جو نوٽيس وٺي ڪاروائي ڪري تحفظ ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.