عادلپور لڳ اهلڪار جي ڀائرن جو پيرسن تي تشدد، ڪپڙا ليڙون ليڙون

جان محمد سوسائٽي (ن ع آ) عادلپور لڳ ڳوٺ ھوت سهتو ۾ مال جي فصل جي ڀيل کان روڪڻ تي پوليس اھلڪار جي ڀائرن جو پيرسن تي مبينا  سخت تشدد ڪپڙا ليڙون ليڙون مٿي ۾ لٺيون هڻي رتورت ڪري ڇڏيو، پيرسن کي وارثن  پاران عادلپور ٿاڻي تي کڻي ليٽر ملڻ بعد گهوٽڪي سول اسپتال داخل ڪيو ان حوالي سان متاثر ڌر جي ماڻھن محمد بخش سهتو، مغل سهتو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ڳوٺ جو بااثر پوليس اھلڪار جي ڀائرن غلام حسين سهتو محب علي سهتو صھيب  علي سهتو والد جلال دين سهتو اسان جي پيرسن قادر بخش کي ووئنڻن جي فصل ۾ مال جي ڀيل ڪرڻ کان روڪيو ته جوابدارن اسان جي پيرسن کي لٺيون هڻي سندس هڪ ٻانهن ڀڃي رتورت ڪري زخمي ڪري ڇڏيو آھي . جنهن کي عادلپور ٿاڻي تان ليٽر ملڻ بعد گهوٽڪي جي سول اسپتال داخل ڪيو ويو سندس وارثن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪندي چيو ته بااثر پوليس اھلڪار جي ڀائرن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.