حيدرآباد ۾ڪوٽڙي واسين جو پوليس خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ڪوٽڙي سائيٽ ايريا جي مختلف علائقن جي رهواسين، پوليس خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو  ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي احمد علي سوڍر، امام علي ملاح، احمد علي چانڊيو ۽ ٻين چيو ته جڏهن کان ايس ايڇ او آدم ابڙو ڪوٽڙي ٿاڻي جي چارج ٿيو آهي، تڏهن کان ڪوٽڙي سائيٽ ايريا ۾ بدامني وڌي وئي آهي، چورين، ڦرن ۽ ڌاڙن جي وارداتن سبب رهواسين جون ننڊو حرام ٿي ويون آهن. ڏينهن ڏٺي جو گهرن ٻاهران موٽر سائيڪلون چوري ٿي وڃن ٿيون، رات جو چور گهرن ۾ داخل ٿي گهر ٻهاري وڃن ٿا. جڏهن ته ڪوٽڙي پوليس بدامني تي ضابظو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. هنن چيو ته رهواسين پاران چورين ۽ ڦرن جي شڪايت ڪرڻ تي پوليس جوابدار ڳولڻ بدران متاثرين کي ڊيڄائي ۽ ڌمڪائي واپس ڪري ڇڏي ٿي، جڏهن ته پوليس کي چورن بابت سڀ خبر آهي ۽ ايس ايڇ او چورن سان ٻٽ بڻيل آهي. هنن ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي ڄامشورو کي اپيل ڪئي ته ايس ايڇ او ڪوٽڙي آدم ابڙو کي فوري طور تي هٽائي ڪوٽڙي سائيٽ سميت شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بهتر ڪيو وڃي.17

ميروخان ۾ تحريڪ انصاف پاران بد امني خلاف احتجاج

ميروخان ( ن ع آ  ) ميروخان ۾ پي ٽي آء تعلقي ۽ سٽي جي سڏ تي ڪارڪنن پاران ٽي ڏينهن اڳ ميروخان ٿاڻي جي حد ڳوٺ نئون ٺارو وڌو  ڀرسان نامعلوم ڦورو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ بي گناه  قتل ٿي ويل ٻن معصوم سئوٽن شڪيل بروهي ۽ الهورايو بروهي جي حقيقي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ ۽ ضلعي قمبرشهدادڪوٽ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ بدامني خلاف پي ٽي آء ويلفيئر ونگ جي ضلعي صدر نثار احمد ڏيپر جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ا اڳواڻن نثار ڏيپر ۔ بهرام خان چانڊيو ۔ عبدالحميد گوپانگ ۔ بختيار لاشاري  ۽ ٻين چيو ته  پورو ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو بدامني جي ور چڙهيل آهي . ضلعي جو ڪوبه شريف شهري محفوظ ناهي ڌاڙا ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن ۔ هنن وڌيڪ چيو ته گذريل 20 ڏينهن ۾ ميروخان جي ٻن معصوم ٻاڙن سميت 3 قتل ۔ 25 ڦر ۽ 30 چوري جون وارداتون ٿيون آهن پر ايس ايس پي عمران قريشي سميت پوري ضلعي جي پوليس عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت واري ڊيوٽي وساري خاموش تماشائي بڻجي اگهور ننڊ ستل آهي امن ۽ انصاف فراهم ڪيو  وڃي ۔ نه ته ٻي صورت ۾ پوري ضلعي ۾ احتجاجي تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو ۔

اوڏيري لال ۾هٿياربندن جي دڪان تي چڙهائي، ڦرلٽ

اڏيرولعل وليج (رپوٽ : معشوق علي قمبراڻي) تعلقي مٽياري جي شهر اڏيرولعل ويجهو سيکاٽ ٿاڻي جي حد ۾ ٽي نامعلوم فورن جي واردات  ڪلياڻ بند جي لڳ پنچر جي دڪان تي ٽن نامعلوم فورن دڪان مالڪ جاويد ٻرڙو, ۽ سندس ساٿين اعظم ٻرڙو, عامر ٻرڙو, گل حسن ٻرڙو, نديم ٻرڙو جن کي هٿيارن جي  زورتي انهن  تي  سخت تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو ۽ هنن کان روڪ رقم ۽ٻيو قيمتي سامان فرڪري فرار ٿي ويا . . ياد رهي ته ٽي ڏينهن پهري به مين نيشنل هاء وي تي موٽرسائيڪل تي ٽي نامعلوم فورو يونيورسٽي جي شاگردن ۽ استادن کان فرڪري فرارٿي ويا هئا، انهن متاثرين به اهيو چيو هو ته ٽي نوجوان فورون موٽرسائيڪل تي آچي اسان کان فر ڪئي، جيڪا سيڪاٽ ٿاڻي جي حد ۾ ٿي  ۽ آڄ وري سيکاٽ جي حد ۾ واقعي ڪلياڻ بند وٽ هڪ دڪاندار کان فر ٿي آهي هتي جي سڃاڻ درين احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران چوڻ آهي ته اسان جي ضلعي مٽياري جي پوليس هٿ وٺي بدامني ڪرائي رهي آهي پوليس ڪوبه ڏهاري گرفتار نٿي ڪري باقي منشات جي منٿلي وٺڻ ۾ پوري آهي اسان مطالبو ٿا ڪيو ته سنڌه جي وڏي وزيررسيد مرادعلي شاه  ۽ گورنر سند , ايس ايس پي مٽياري , ڊي آء جي حيدرآباد ۽ آء جي سنڌ کان ته اسان جي ضلعي ۾ امن امان ڪرائي غريب مسڪين ماڻهون کي عزت سان رهڻ ڏنو وڃي.

ٽنڊو مستي ۾ شاگردن جو ٺري پوليس خلاف احتجاج

ٽنڊومستي (  ن  ع آ ) ٽنڊومستي  ڀرسان ڳوٺ يارمحمد شينو جي رهواسي انٽر جي شاگرد جونيئر يارمحمد شينو جو ٺري ميرواهه پوليس جي  زيادتن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي انٽر جي شاگرد جونيئر يارمحمد شينو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايڇ او ٺري ميرواهه ۽ سپاهي سبحان خاصخيلي اسان جي مخالفن جي چوڻ تي منهنجي ڀاءُ  شاگرد خليل احمد شينو مٿان ڪنهن مهل ڦر ڪرڻ ۽ ڪنهن مهل موبائل فون چوري جا الزام هڻي  2 ڀيرا پوليس جي وڏن اٽالن گهر تي چڙھائي ڪري گهر گهر تلاشي ورتي ۽ منهنجي ڀاءُ خليل شينو مٿان ڦر ۽ چوري جا ڪوڙا الزام هڻي بيگناهه منهنجي ڀاءُ کي مخالفن کان پيئسا وٺي ڪوڙا ڊارما ڪري ان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ فل فرائي ڪرائڻ چاهين ٿا منهنجو ڀاءُ نه ڏوهاري آھي نه چور آھي ٺري ميرواهه پوليس هٿ جا ڊارما ٺاهي اسان کي بليڪ ميل ڪري لکين روپيا رشوت گهري رهيا آھن، ايس ايس پي جاچ ڪري شاگردن جي تعليم تباهه کان بچائي وڃي.

دادو ويجهو هٿياربندن هٿان پ پ اڳواڻ، يرغمال، ڦرلٽ، احتجاج

دادو (ڊ ر)دادو شهر جي باءِ پاس وٽ دڙو شيخ ويندڙ روڊ تي 3 هٿياربندن پ پ اڳواڻ واهي پانڌي يوسي جي اڳواڻي وائيس چيئرمين سماجي  اڳواڻ ذوالفقار برهماڻي کي اغوا ڪري يرغمال بنائڻ بعد موٽر سائيڪل هزارين رپيا روڪ رقم ۽ 2 موبائيل فون ڦر ڪرڻ بعد فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، جنهن بعد متاثر ڌر دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي پوليس کي اطلاع ڪيو پوليس پاران حد مخدوم ٿاڻي جي ڄاڻائي اين سي داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو متاثر ڌر مخدوم بلاول ٿاڻي تي پهتي ته انهن به اسان جي حد ناهي چئي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو متاثر پ پ اڳواڻ ذوالفقار برهماڻي ۽ سماجي اڳواڻن عزيز رستماڻي اڪبر لاشاري عباس جمالي جي احتجاج بعد ٻنهي ڻاڻن جي پوليس جا۽ واردات تي پهتي ته ٻئي حد تڪرار تان  پاڻ م اٽڪي پيا هڪٻئي سان منهن ماري گار گند ڪئي ۽ ٺيلها ڏنا اهڙي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي. هوڏانهن سماجي اڳواڻن دادو پريس ڪلب پهچي سخت احتجاج ڪندي پوليس ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي

دائوجهانپور ۽ ڀرپاسي بدامني، 2 موٽرسائيڪلون، روڪ رقم ۽ موبائل ڦر

دائوجهانپور (ن ع آ)دائوجهانپور ڀرسان دوداپور ٿاڻي جي حد سالار شاخ ڀرسان نامعلوم هٿياربندن بشير بروهي کان موٽرسائيڪل موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦري ڪري فرار  ٿي ويا ٻئي طرف محمد پور ٿاڻي جي حد سم شاخ ڀرسان هٿياربندن بشير احمداوڍو کان به موٽرسائيڪل فري فرار ٿي ويا جنهن سبب علائقي ۾ خوف وارو ماحول پکڙيل آهي.

سيٺارجا لڳ آرا مشين مالڪ جي چوري

سيٺارجا ( ن ع آ ) گذريل رات نامعلوم چور سيٺارجا ٿاڻي جي حد سئي گئس سيٺارجا روڊ تي محسن شاهه ويجهو قائم آرا مشين تي ستل مالڪ عاشق حسين سمور جي  کيسي مان نقد رقم 50 هزار روپيه ۽ مشين ۾ نيون ٺهيل 3 کٽون کڻي فرار ٿي ويا.

پيرڳوٺ لڳ گهر ڌڻي يرغمال، مينهون چوري ڪري فرار

پيرجوڳوٺ ( ن ع آ ) پيرجوڳوٺ لڳ ڀٽا پاڙي  مان 5 کان وڌيڪ هٿياربندن مختيار علي ڀٽو جي گهر ۾ داخل ٿي گهر ڌڻين کي يرغمال ڪري 2 لک رپين جي ماليت جي ڀلوڙ مينهن چوري ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته منگرجي لڳ ڳوٺ آريجا مان هٿياربند اصغر علي آريجو جي اڍائي لک رپين جي ماليت جي ڀلوڙ مينهن چوري ڪري فرار ٿي ويا، متاثر ڳوٺاڻن پاران سجاڳ ٿيڻ تي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، پوليس ۽ ڳوٺاڻن هٿياربندن جا پيرا کنيا جيڪي ڪچي طرف سنڌو درياھ پار ڪري ويا، ٻئي طرف مختيار علي ڀٽو جي چوري ٿيل مينهن چورن کان ڇڏائي واپس اچي رھي هئي ته پيرا کڻندڙ ڳوٺاڻن ۽ پوليس هٿ ڪري کيس گهر ڪاھي آيا، سياسي سماجي اڳواڻن محمد ابراھيم مڱريو، عبدالغني آريجو ۽ ٻين ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي آھي ته پيرجوڳوٺ ۾ وڌندڙ وارداتن تي ٻنجو آڻي علائقي واسين کي امن فراھم ڪيو وڃي.

راڌڻ ۾دڪاندارن ۽ شهرين جو بدامني خلاف ٿاڻي آڏو ڌرڻو

راڌڻ (ن ع آ)راڌڻ ڀرسان شاھه پنجو پوليس اسٽيشن جي حد ۾ ميهڙ نئون ڳوٺ جي مين روڊ تي جوڳين کان نامعلوم ڏوھارين پاران ڪالھ شام پنج وڳي ڌاري ميھڙ  جي مشھور واپاري سيٺ عدنان شيخ کان مبينا لکين رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري ڦرون آساني سان فرار ٿي ويا هئا، واقعي خلاف سياسي سماجي ۽ دڪاندار يونين جي اڳواڻن ۽ ٻين سوين ماڻھن پاران شاھپنجو پوليس ٿاڻو اڳيان ۽ شاھه پنجو ريلوي ڦاٽڪ چودڳي تي ڌرڻو ھڻي حد جي ايس ايڇ او محمد امين جتوئي خلاف سخت ناري بازي ڪندي اڳواڻن عدنان شيخ، ڪامران شيخ، جاني شيخ، درگاهھ حضرت مخدوم سعدي موساڻي دڪاندار ايسوسيئيشن جو صدر ارشاد علي بروھي، محمد امين لاکير، وحيد پيرزادو، نظير حسين سرگاڻي، محمد مٺل ڪلهوڙو انيس لاکير، جان محمد پيرزادو، فھد سرگاڻي، آصف پيرزادو، اعجاز پيرزادو، عبدالغفار پيرزادو، محمد امين، سولنگي، ڊاڪٽر ابراهيم جوڻيجو ۽ اعجاز ساهڙ سميت ٻين چيو ته ڦر جو  اطلاع حد جي پوليس کي ٿڏي تي ڏيڻ باوجود ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي.  شاھپنجو ايس ايڇ او ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل آھي جنھن ڪري حد جي پوليس پاران ھن وقت تائين ڪابه ڪاروائي نه ڪئي آھي.  هنن مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي نااھل ايس ايڇ او کي ھٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي.

قمبر ۾ ڦورو گهر ۾ ڪاهي پيو،عورتن کان هٿيار جي زور ڦر

قمبر( ڍر) سينيما روڊ تي نظير مغيري جي گهر ۾ ڦورو ڪاهي پيو عورتن کان هٿيار جي زور تي موبائيل ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي  ويا موقعي تي سٽي پوليس ايس ايڇ او پهچي واقعي جا تفصيل ورتا متاثرن کي يقين ڏياريو ته هر صورت ۾ جوابدار خلاف ڪارروائي ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪيو ويندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.