ٽنڊي غلام حيدر لڳ روڊ حادثو، نوجوان فوت

ٽنڊوغلام حيدر(رپورٽ:غلام مرتضي لغاري) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان شاھ واھ بس اسٽاپ حيدرآباد_بدين روڊ تي تيزرفتار موٽرسائيڪل  ۽ پڪ اپ سوزوڪي ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڪڙيو گهنور واسي 35 ورهين جو دلبر نظاماڻي سخت زخمي ٿي پيو اطلاع تي حد جي ٽنڊوغلام حيدر پوليس حادثي واري هنڌ پهچي زخمي کي ٽنڊوغلام حيدر سرڪاري اسپتال آندو جتان ڊاڪٽرن پاران ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد سيول اسپتال اماڻي ڇڏيو جتي زخمن جا سور نه سهندي زخمي فوت ٿي پيو،جڏھن ته فوتي جو لاش حيدرآباد سيول اسپتال کان ٽنڊوغلام حيدر سرڪاري اسپتال آندو ويو جتان لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن فوتي دلبر نظاماڻي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ واقعي جو اڃا تائين ڪو به ڪيس وغيره داخل ناهي ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.