تنگواڻي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو زخمي، احتجاج

تنگواڻي(ن ع آ ) تنگواڻي ڊيراسرڪي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ جعفرآباد ۾ وڻ جي واڍي تان جعفري ۽ چولياڻي برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو، هڪ  ڄڻو محمّد حيات جعفري زخمي ٿي پيو، ٻي ڌر جي ڳوٺاڻن سبزعلي چولياڻي،مراد علي، واحد بخش چولياڻي، رياض علي پاران پيارو رند پاران بيمار عورتن ۽ ٻارڙن کي رستا روڪ ڪري واپس ڪرڻ ۽ ڳوٺ مان لڏائڻ لاء ڌمڪائڻ خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيوويو،ڳوٺاڻن چيو تہ ڪمدار پيارو رند روز لڏائڻ لاء ڌمڪائيندا رهياآهن، هنن چيو تہ پرايو هارپو ڪندا آهيون اسان پنهنجي بيمار نياڻين توڙي عورتن کي اسپتال منتقل ڪرڻ دوران بااثر  رستا روڪ ڪري گار گند ڪئي . هنن چيو تہ هنن ٿاڻي دانهيو پر بااثرن خلاف پوليس ڪاروائي ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي، ڳوٺاڻن پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏيندي اعلىٰ اختيارين ۽  کان گُهر ڪئي تہ نوٽيس وٺي محمد حيات جعفري خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيووڃي، جڏهن تہ رابطي ڪرڻ تي سيف الرحمان رند ٻڌايو تہ هُن جو هاري محمّد حيات جعفري پنهنجي زمين مان وڻ جا لامون ڪٽي پيو تہ چولياڻي برادري جي هٿياربندن لٺيون هڻي پيرسن کي زخمي ڪري ڇڏيو، هن چيو تہ ڪوبہ رستا روڪ يا حملو وغيره ناهين ڪرايو ڪوڙا الزام لڳن پيا، جڏهن تہ هن گهر ڪئي تہ پوليس ۽ انتظاميہ جاچ ڪري ڳوٺاڻن سان انصاف ڪري,

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.