ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس هٿان نوجوان زخمي حالت ۾ گرفتار

ڪنڌڪوٽ(ڊ  ر )ڪنڌڪوٽ گڊو پل وٽ اي سيڪشن پوليس جو مبينا مقابلو هڪ شخص غلام مرتضيٰ ولد محبت علي لوهر کي زخمي حالت  ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي ان سلسلي ۾ ايس ايس پي جي ريڊر پريس بيان جاري ڪندي اظهار ڪيو ته اي سيڪشن پوليس ٽيم ايس ايڇ او گهنور مهر جي اڳواڻي ۾ گڊو پل وٽ گشت ڪري رهي هئي ته جوابدارن پوليس کي ڏسي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوليس جوابدارن جو پيڇو ڪيو ته جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ ڪئي ۽ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار موٽرسائيڪل چوري وارداتن ۾ ملوث هو جوابدار جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن هلندڙ آهي اهي به جلد گرفتار ڪيا ويندا . جوابدار مٿان ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻه تي ڪيس داخل ٿيل هو هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته جوابدار کي پوليس هاف فرائي ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.