ملير جي اسپتال ۾ ٻارڙو فوت، وارثن جو احتجاج

ملير (ڊ ر) ) ملير جي علائقي ڀينس ڪالوني جي نجي اسپتال اندر ٽن سالن جي معصوم صحافي جي پٽ وسيم عباس لاکو کي  غلط انجيڪشن لڳڻ سبب انجيڪشن واري جائي تي ڦٽ ٿي پيا، جنهن سبب ٻارڙي جي حالت تمام خراب ٿي وئي ۽ کيس علاج لاءِ شهر جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، صحافي ساجد لاکو ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته منهنجو ٽن سالن جو معصوم پٽ وسيم عباس جي طبيعت خراب ٿي پئي جنهن کي ڀينس ڪالوني موڙ ويجهو هڪ نجي اسپتال ۾ ڏيکاريو ويو جتي ڊاڪٽر ان جو غلط علاج ڪيو ۽ انجيڪشن لڳڻ سبب ويهڪ واري جاءِ تي کيس وڏا ڦٽ ٿي پيا آهن ۽ ان جي حالت تمام خراب ٿي وئي آهي،  هن ٻڌايو ته ڊاڪٽر پرويز اسلم جيڪو عطائي ڊاڪٽر آهي ان منهنجي پٽ کي غلط انجيڪشن هئين آهي جنهن جي ڪري منهنجي ٻچڙي جي حالت انتهائي خراب آهي، ان معاملي جو وس وارا ادارا نوٽيس وٺن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.