سنڌ ۾ ڪورونا جا 6 مريض فوت، 225 نوان ڪيس

ڪراچي (رپورٽر)  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪورونا وائرس جا 6 وڌيڪ مريض پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن جڏهن ته  فوتين جو انگ 2574 تائين وڌي ويو آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 8429 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 225 وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا جنهن کانپوءِ اهو انگ 141474 ٿي ويو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 6 وڌيڪ مريض فوت ٿي چڪا هئا جڏهن ته فوتين جو انگ 2574 تائين پهچي چڪو هو جيڪو 1.8 سيڪڙو شرح آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 8429 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 225 نون ڪيسن جي نشاندهي ڪئي وئي جيڪا 2.6 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهي. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 1519134 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن مان 141474 ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن جن ۾ 95 سيڪڙو يعني 134494 صحتياب ٿيا جنهن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 650 مريض پڻ شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.