سلطان ڪوٽ ويجهو خوفناڪ حادثو، موٽرسائيڪل سوار 3 ڄڻا فوت

ميان  صاحب/ سلطان ڪوٽ (نمائندن وٽان) سلطان ڪوٽ ويجهو قومي شاهراهه تي روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.همايون شريف ٿاڻي جي حد ۾ قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر   ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا محمد سليمان سڌايو ۽ لعل محمد بروهي  ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو وزير بروهي سخت ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ويو، جتي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد کيس لاڙڪاڻي منتقل ڪيو پئي ويو جنهن دوران زخمن جي سٽ نه سهندي رستي ۾دم ڏئي ڇڏيو. پاسي ڪار ڊرائيور گاڏي ڇڏي واقعي واري هنڌ تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ، جڏهن ته ڪار کي همايون شريف ٿاڻي جي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.