مولانا عادل جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف مختلف شهرن ۾ هڙتال

ڪراچي ( نمائندن وٽان) ڪراچي ۾هٿياربندن هٿان  قتل ڪيل مولانا عادل جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف علما ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي  سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شٽر بند هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته ڪراچي ۾ڪجهه علائقن ۾ ڪاروبار بند رهيو جڏهن ته  ٽريفڪ به معمول موجب هلندي رهي. ميرپور خاص، سجاول، بدين، عمر ڪوٽ، ڊگهڙي، ٽنڊو آدم، عثمان شاهه هڙي، جهڏو ۽ نئون ڪوٽ ۾ سمورو ڪاروبار بند رهيو، شادي لارج، ماتلي، ميرو خان، ڊگهڙي، کوسڪي، قمبر ۽ ٻين شهرن ۾ به مڪمل هڙتال رهي، مختلف هنڌن تي احتجاجي مظاهرا ڪري ۽ ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.