جهڏو : مبينا اغوا ٿيل 13 ورهين جو نينگر وجهه وٺي گهر پهچي ويو

جهڏو لڳ ڏيڍ مهينو اڳ مبينا اغوا ٿيل 13 ساله  نينگر وجهه وٺي قيد مان آزاد ٿي گهر پهچي ويو،  ڳوٺ محسن خان چانڊيو واسي 13 ساله نينگر عبدالغفور چانڊيو ڏيڍ مهينو اڳ ساماري شهر مان گم ٿي ويو هو، ان سلسلي ۾ ميڊيا سينٽر جهڏو تي نينگر عبدالغفور، ۽ سندس والد غلام حيدر چانڊيو صحافين کي ٻڌايو ته سندس 3 پٽ جيمس آباد جي مدرسي ۾ پڙهڻ ٿا، گذريل عيد جي موڪلون ختم ٿيڻ بعد هو جمس آباد وڃي رهيا هئا ته منهنجا 2 پٽ ننڍڙي عبدالغفور کي سامارو بس اسٽاپ تي ويهاري شهر ۾ ٽوپيون وٺڻ ويا، جتان انهن جي برادري جا ماڻهو ننڍڙي عبدالغفور کي ڪاري رنگ جي ڪرولا ڪار ۾ ويهاري نشو ڏئي بيهوش ڪري کڻي وياهئا ،جتان وجهه وٺي هو پاڻ گهر پهتو آهي،  هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته پٽ کي اغوا ڪندڙ ماڻهن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني ڏيئي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.