ڪراچي وارا هوشيار: شهر ۾ خشڪ ريگستاني هوائون هلڻ جا امڪان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي رياست گجرات جي ڏکڻ ۾ موجود هوا جي گهٽ دٻاءُ جو ڊپريشن ۾ تبديل ٿيڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب جيڪڏهن هوا جو اِهو گهٽ دٻاءُ 24 ڪلاڪن ۾ ڊپريشن ۾ تبديل ٿيو ته ان جو رخ اتر ڏانهن ٿي سگهي ٿو.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته ان ڊپريشن جي اثر هيٺ ڏکڻ اوڀر سنڌ ۾ هلڪو مينهن وسي سگهي ٿو.

موسميات کاتي موجب ڊپريشن جا اثر ڪراچي ۾ تيز هوائن جي صورت ۾ نظر اچي سگهن ٿا ۽ ڪراچي ۾ خشڪ ريگستاني هوائون هلي سگهن ٿيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.