خانداني ڪرپشن جي بچاءَ ۾ معصوم عوام استعمال پيو ٿئي: شهباز گل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) خاص مددگار شهباز گل جو چوڻ آهي ته خانداني ڪرپشن کان بچاءِ جي ڪوشش ۾ معصوم عوام جو استعمال پيو ٿئي.

خاص مددگار شهباز شريف سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته اڄ گجرانوالا جي جلسي ۾ حڪومت جلسي گاهه ۾ ايندڙ ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي، ماسڪ ۽ هينڊ سينيٽائزر مهيا ڪندي.

ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته هي عمران خان جي حڪومت آهي. هر حال ۾ پنهنجي عوام جي سهولت ۽ ڪورونا کان حفاظت جا بندوبست ڪنداسين. خانداني ڪرپشن جي بچاءَ جي ڪوشش ۾ معصوم عوام استعمال ٿي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.