گمبٽ: بااثرن ۽ اڳڙا پوليس جي زيادتين خلاف شنباڻي برادري جومظاهرو

گمبٽ ۾ بااثرن ۽ اڳڙا پوليس جي زيادتين خلاف شنباڻي برادري  پاران معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهروڪيو ويو ، راضيديرو ويجهو ڳوٺ بصر خان شنباڻي واسين ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ڳوٺ کان گمبٽ تائين 20 ڪلوميٽر احتجاجي مارچ ڪري پريس ڪلب گمبٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ۽ بااثرن خلاف نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ڳالهايندي عبداللطيف شنباڻي، منور علي، آدم خان، غلام عباس ، منظور احمد شنباڻي ۽ ٻين جو  چوڻ هو ته اڳڙا پوليس بااثرن جي ونگار وهندي انهن جي چڱي مڙس سميت پورهيتن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي وڏي ناجائزي ڪندي بيگناهه ماڻهن کي کنڀي کڻي وئي ، هنن ڊي آء جي سکر سميت ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ظلمن کان نجات ڏياري انصاف ڪيو وڃي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.