قمبر ۾ حد دخلين خلاف آپريشن، 40 دڪان ڊاهي پٽ

قمبر( ڊ ر )  ڪرڪيٽ گرائونڊ تي 40سالن کان قائم قديمي دوڪانن کي ميونسپل ڪاميٽي طرفان ناجائزاڏاوت ڄاڻائي ڊاهيو ويو  ختيارڪار قمبرجي اڳواڻي ۾ قمبر جي ڪرڪيٽ گرائونڊ لڳ قائم 40سال پراڻا دوڪان ڊاهي پٽ ڪيا ويا ان موقعي تي اي سي منور عباس سومرو ميڊيا کي ٻڌايو ته هي دوڪان سرڪاري پلاٽ تي اڏيل هيا جنهنڪري کين ڊاهيوويوآهي اسان داڪاندارن کي اهڙا نوٽيس ڏنا هئا جنهن تي هنن عمل ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته دوڪاندار جو چوڻ هو ته مقامي مخالف ڌر جي سياسي اڳواڻ جي چرچ تي سندن دوڪان ڊاهيا پيا وڃن . سندس دوڪان سالن کان وٺي قائم هئا اڳوڻي ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ انوارالحق جڏهن ڪرڪيٽ گرائونڊ کي چوديواري ڏياري هئي ته به سندس دوڪان قائم رکيا ويا هئا هنن هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ۽ سي ايم سنڌ کان مطالبو ڪيو ته سندس ٻڄن مٿان رحم ڪري سندس معاشي قتل ٿيڻ کان بچايو وڃي ۽ سندس دوڪان ٻهير تعمير ڪرڻ ڏنا وڃن،،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.